ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارہ شلپا شيٽي جي مڙس ۽ ڪاروباري شخصيت راج ڪندرا خلاف ھلندڙ 60 ارب رپين جي فراڊ ڪيس ۾ اداڪارہ بپاشا باسو ۽ نيھا ڌوپيا جو نالو بہ سامھون اچي ويو آھي.
بالي ووڊ اداڪارہ شلپا شيٽي جو مڙس ۽ بزنس مين راج ڪندرا 60 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ فراڊ ڪيس کي منھن ڏئي رھيو آھي، ھي ڪيس سندس اڳوڻي ڪمپني سان جڙيل آھي،جنھن جي جاچ ممبئي پوليس جو اڪنامڪ آفيسز ونگ ڪري رھيو آھي.
ڀارتي ميڊيا موجب راج ڪندرا جاچ ٽيم کي ٻڌايو تہ ڪمپني جو جمع ٿيل فنڊ جو وڏو حصو ٺھندڙ فلمن ۽ ٻين پراجيڪٽس جي مشھوري مھم تي خرچ ڪيو ويو ، جن مان تقريبن 20 ڪروڙ رپيا پروموشن، سيلبريٽي، انڊورسمينٽ ۽ نشريات تي خرچ ٿيا.
جاچ دوران، راج ڪندرا دعويٰ ڪئي ته بالي ووڊ اداڪارائون بپاشا باسو ۽ نيها ڌوپيا پڻ انهن پروموشنل سرگرمين جو حصو هيون، جن کي پئسا ڏنا ويا هئا، ڀارتي ميڊيا موجب راج ڪندرا ثبوت طور ڪجهه تصويرون پڻ پيش ڪيون.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اڃا تائين آزاد طور تي تصديق نہ ٿي سگهي آهي ته ڇا ادائيگيون اصل ۾ ٿيون ھيون، يا اداڪارائون ڪمپني جي مبينا مالي بي ضابطگين کان واقف هيون.
رپورٽ موجب،اِي او ڊبليو ممبئي پوليس راج ُڪندرا پاران مهيا ڪيل دستاويزن ۽ ڪمپني جي رڪارڊ جو جائزو وٺي رهيو آهي ته جيئن اهو طئي ڪري سگهجي ته ڇا دعويٰ ڪيل پروموشنل سرگرميون اصل ۾ ڪيون ويون هيون.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارہ بپاشا باسو ۽ نيھا ڌوپيا جو ان حوالي سان ڪو بيان سامھون ناھي اچي سگھيو.