ڪراچي ( رپورٽ: ذيشان بلوچ ) ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اھلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب اھلڪار پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شاھدہ رحماني جو محافظ ھو.
پوليس موجب ڪريم شاھ روڊ تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، اھلڪار صدام حسين پنڪچر جي دڪان تي موٽرسائيڪل ٺھرائي رھيو ھو تہ ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، مقتول اھلڪار جو واسطو جيڪب آباد سان ھو.
پوليس جو چوڻ آھي تہ ڪار ۾ سوار 4 ھٿياربندن پوليس اھلڪار تي فائرنگ ڪئي، واقعي واري ھنڌ تان نائن ايم ايم پسٽل جا خولز ۽ 30 بور جو ھڪ خول مليو آھي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس موجب شھيد ٿيل پوليس اھلڪار پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شاھدہ رحماني جو محافظ ھو، ڊيوٽي ختم ڪري واپس وڃي رھيو ھو تہ سندس موٽرسائيڪل پنڪچر ٿي پئي، جيئن ئي ھو پنڪچر جي دڪان تي بيٺو تہ ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي .
گھرو وزير جو نوٽيس
صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار گلشن معمار ۾ پوليس اھلڪار تي فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ويسٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.
ضياءُ الحسن لنجار چيو تہ ثبوتن ۽ اکين ڏٺن شاھدن جي بيانن جي روشني ۾ جاچ کي ڪامياب بڻايو وڃي، ايس ايس پي ويسٽ شھيد ڪانسٽيبل جي گھر وڃي، ٿي سگھي ٿو اھلڪار جا وارث ڪجھ شيئر ڪن.
گھرو وزير وڌيڪ چيو تہ پوليس اھلڪارن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري بابت تفصيلن کان آگاھ ڪيو وڃي، ڪامياب جاچ ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ ماھر ۽ باصلاحيت آفيسر کي ڏنو وڃي.
شاھد رحماني جو رد عمل
پيپزپارٽي اڳواڻ شاھدہ رحماني چيو تہ شھيد پوليس اھلڪار صدام جو واسطو خيرپور سان ھو، مغرب تائين سندس ڪراچي واري گھر ۾موجود ھو، جنھن بعد ڊيوٽي ختم ڪري اتان نڪري ويو ھو.
شاھدہ رحماڻي چيو تہ صدام شريف ڇوڪرو ھو، ڪڏھن بہ دشمني يا ڌمڪي بابت کيس آگاھ نہ ڪيو ھو، ھن وقت اسلام آباد آھيان، واقعي تي افسوس ٿيو آھي.
اھلڪار جي موٽرسائيڪل پنڪچر ٿي
ايس ايس پي ويسٽ طارق الاھي مستوئي موجب صدام حسين گلشن معمار ٿاڻي تي مقرر ھو ۽ سڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر ھو، ڊيوٽي ختم ڪري ٿاڻي طرف واپس اچي رھيو ھو تہ سندس موٽرسائيڪل پنڪچر ٿي پئي.
ايس ايس پي طارق الاھي مستوئي موجب اھلڪار پنڪچر جي دڪان تي موجود ھو تہ ڪار سوار ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آھي يا ڪجھ ٻيو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ايس او پيز بابت سوال جي جواب ۾ طارق الاھي مستوئي چيو تہ پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي تہ اھلڪار ايس او پيز تي عمل ڪن، اھلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽ بہ ڏنا ويا ھئا.
ايس ايس پي ويسٽ چيو تہ دھشتگردن بزدلاڻو حملو ڪيو آھي، پوليس ھن وقت ڏکي وقت مان گذري رھي آھي،فتنہ الخوارج ۽ ھندستاني ھندستان جا دھشتگرد حملا ڪري رھيا آھن، دھشتگردن کي شڪست ڏئي سک جو ساھ کڻننداسين.