شنگھائي ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٿر ۾ ڪوئلي جي گيسيفيڪشن پلانٽ جي قيام لاءِ مفاھمتي يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون ويون آھن.
صدر آصف علي زرداري شنگھائي اليڪٽرڪ جي چيئرمين وُو لـِي سان ملاقات ڪري سندس ڪمپني کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت بہ ڏني آھي.
چين جي دوري تي پھتل صدر آصف علي زرداري جو شنگھائي ۾ مختلف سيڙپڪاري ڪمپنين جي سربراھن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آھي.
صدر آصف علي زرداري شنگھائي اليڪٽرڪ ڪمپني جي سي اي او سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران صدر کي شنگھائي اليڪٽرڪ جي پاڪستان ۾ جاري منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي.
شنگھائي اليڪٽرڪ کي سيڙپڪاري جي دعوت
صدر آصف زرداري پاڪستان جون توانائي جون گھرجون پوريون ڪرڻ ۾ شنگھائي اليڪٽرڪ جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو تہ ھن ڪمپني روزگار جي موقعن، سماجي توڙي معاشي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.
شنگھائي اليڪٽرڪ کي پاڪستان جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن نظام ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي صدر آصف زرداري ڪمپني کي خاطري ڪرائي تہ جيڪڏھن التويٰ جو ڪو مسئلو ٿيو تہ ان کي دوستاڻي ۽ گڏيل سھڪار جي جذبي سان حل ڪيو ويندو.
مفاھمتي يادداشتنامي تي صحيحون
ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٿر مان ڪوئلي جي گيسيفييڪشن پلانٽ جي قيام لاءِ مفاھمتي يادداشتنامي تي صحيحون بہ ڪيون ويون، ھي ٿر ۾ ڪوئلي تي ٻڌل پھريون ڪوئلا گيسيفيشن پلانٽ ۽ فرٽيلائيزر منصوبو ھوندو، جيڪو توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندو.
ايم ايف ٽي سي ڪول گيسيفيشن جي سي اي او شاھد تووالا ۽ سينو سندھ ريسورسز / شنگھائي اليڪٽرڪ جي سي اي او مسٽر لِين جيگن يادداشت تي صحيحون ڪيون.
شنگھائي اليڪٽرڪ جَي سي سي او پاڪستان ۾ پنھنجي ملازمن کي فراھم ڪيل سڪيورٽي انتطامن تي پاڪستاني حڪومت جو ٿورو مڃيو.
صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو تہ شنگھائي اليڪٽرڪ 1902 ۾ قائم ٿي، ھيءَ ڪمپني توانائي ۽ صنعتي شعبي ۾ عالمي مقام رکي ٿي.
تقريب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خاتون اول آصفہ ڀٽو زرداري بہ موجود ھئا، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جو سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ ترقي ۽ رٿابندي وارو وزير سيد ناصر شاھ بہ صدر سان گڏ ھئا.
ڪميونسٽ پارٽي جي يادگار جو دورو
صدر آصف علي زرداري، آصفہ ڀٽو زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پھرين ڪانگريس جي يادگار جو دورو بہ ڪيو.
پڌرائي موجب ميموريل شنگھائي تاريخي علائقي فرنچ ۾ واقع آھي، ھي اھو ئي ھنڌ آھي، جتي جولاءِ 1921 ۾ ڪميونسٽ پارٽي چائنھ جو پھريون اجلاس ٿيو ھو، صدر آصف زرداري تاريخي عمارت ۽ نمائش ھال جو دورو بہ ڪيو.
صدر آصف زرداري وزيٽر بڪ ۾ لکيو تہ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنہ جي يادگار جو دورو سندس لاءِ اعزاز آھي، ھي تاريخي ھنڌ چين کي عالمي طاقت بڻائڻ ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو ڪردار واضح ڪري ٿو.
صدر آصف زرداري جو چوڻ ھو تہ پاڪستاني عوام چين جي تاريخي سفر جو احترام ڪري ٿو، صدر شي جن پنگ جي بصيرت ۽ قيادت دوستي جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيو، صدر شي جنگ جي ويزن سبب چين وڏي عالمي اقتصادي طاقت بڻجي ويو آھي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ ھو تہ آئرن بردارز طور اسان جي دوستي ھر شعبي ۾ ترقي ڪندي رھندي، پاڪ چين دوستي ھر موسم جي ڀائيواري ۽ دوستي واڌ ويجھ ڪندي رھندي.