گڊو وٽ 6 لک ڪيوسڪ پاڻي آھي، امڪاني خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھيون: مراد علي شاھہ

فہرستِ مضامین

وڏي وزير مراد علي شاھہ چيو آھي تہ پنجاب کان پاڻي جو زور ٽٽڻ سبب خطرو ٽري ويو آھي، اميد آھي سنڌ جي بئراجز مان پاڻي خيريت سان گذري ويندو، صوبائي حڪومت امڪاني خطري کي منھن ڏيڻ بابت پنھنجن اڳواٽ کنيل قدمن مان مطمئن آھي.

صوبائي وزيرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري گڊو ۽ سکر بئراجن جو معائنو ڪيو هو، بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت کان زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، وزيراعظم پاران ِ زرعي ۽ موسمياتي ايمرجنسي جي اعلان تي ٿورائتو آھيان.

وڏي وزير چيو ته متاثرن جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي جلد کان جلد مدد ڪئي وڃي.

وڏي وزير چيو تہ موسمياتي تبديلي جي ڪري اسان کي هر ٻئي سال  ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. مان وزيراعظم کي درخواست ڪريان ٿو ته هو فوري طور تي گڏيل قومن کي امداد جي اپيل ڪري.

مراد علي شاهه چيو ته گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 6 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ آهي، اندازو آهي ته ساڍا 6 کان 7 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو سکر بئراج مان گذرندو، گڊو کان سکر تائين بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ويو آهي، اسان جي پهرين ترجيح ماڻهن جون زندگيون بچائڻ آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪشمور ۾ لڳ ڀڳ 30 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ڪشمور جي امدادي ڪئمپن ۾ اڃا تائين ڪير بہ ناهي آيو.

 ڪشمور ۽ گهوٽڪي ۾ طبي ڪئمپن ۾ ماڻهو اچي رهيا آهن. سنڌ حڪومت مڪمل تياريون ڪيون آهن ۽ ٻوڏ سان لاڳاپيل تيارين کان مطمئن آهي.

وڏي وزير چيو ته درياھن جي بند جي اوچائي 2010 کان 2025 تائين لڳاتار وڌائيندا رھيا آھيون، جنھن سبب ھن ڀيري وھڪرا بند کان هيٺ آهن. مان ڪچي جي ماڻهن جو شڪرگذار آهيان. ڪچي جا ماڻهو بهادري سان آزمائش کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ افراتفري نه پکيڙي رهيا آهن. سھڪار ڪرڻ تي مان سنڌ جي ماڻهن جو بھ شڪرگذار آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي، هن وقت وڌيڪ ٻوڏ وڌڻ جو ڪو امڪان ناهي، پر درياهه جي وهڪرن ۾ ھر سال تبديلي ايندي رھندي آھي ۽ جڏهن پاڻي ايندو آهي ته نقصان ٿيندو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں