لنڊن ۾ اميگريشن مخالف ريلي دوران چڪريون، 26 پوليس اھلڪار زخمي، 25 مظاھرين گرفتار

فہرستِ مضامین

لنڊن ۾ اميگريشن مخالف ريلي ۾ شريڪ مظاھرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ زخمي پوليس اھلڪارن جو انگ 26 ٿي ويو آھي، جڏھن تہ پوليس 25 مظاھرين کي بہ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

بي بي سي اردو موجب لنڊن ۾ کاٻي ڌر جي ايڪٽويسٽ  ٽومي رابنسن جي قيادت ۾ نڪتل ريلي ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ماڻھن شرڪت ڪئي، ريلي کي يونائيٽ دي ڪنگڊم (بادشاھت کي گڏ ڪريو) جو نالو ڏنو ويو آھي.

ريلي دوران اُن وقت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي جڏھن ڪجھہ مظاھرين پوليس تي بوتلون ۽ ٻين شيون اڇليون، مظاھرين جي مبينا حملي ۾ 4 پوليس اھلڪار سخت زخمي ٿيا.

مظاھرين جو انگ پوليس جي اڳڪٿي کان وڌيڪ ھو

ٻئي پاسي ھن ريلي خلاف اسٽينڊ اپ ٽو ريسزم نالي تنظيم بہ احتجاج جو سڏ ڏنو ھو، جنھن سبب ڪنھن بہ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي ھئي.

منجھند 2 وڳي ريليون ھڪ ھنڌ گڏ ٿيڻ لڳيون تہ پوليس اھلڪارن جو وڏو انگ پھتو، جن مظاھرين کي گھيري ورتو، پوليس جو چوڻ آھي تھ مظاھرين پوليس پاران قائم ڪيل رڪاوٽون ٽوڙيون، جنھن سبب پوليس کي طاقت جو استعمال ڪرڻو پيو.

اختيارين جو چوڻ آھي تہ يونائيٽ دي ڪنگڊم ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جو انگ پوليس جي ڪاٿي کان تمام گھڻو ھو.

پوليس آفيسرن تہ مٿن لتن ۽ مڪن سان حملو

ميٽروپوليٽن پوليس موجب پوليس آفيسرن جڏھن مظاھرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مٿن لتن ۽ مڪن سان حملو ڪيو ويو، جنھن جي جواب ۾ پوليس کي لٺبازي ڪرڻي پئي ۽ ڪيترن ئي مظاھرين کي گرفتار ڪرڻو پيو.

اميگريشن مخالف ريلي کي ھڪ مقامي اڳواڻ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو ۽ چيو تہ وڏي پئماني تي بي قابو لڏ پلاڻ ھڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آھي، ھُن برطانيا ۾ حڪومت جي تبديلي جو بہ مطالبو ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں