گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطين جي 2 رياستي حل لاءِ ” نيويارڪ ڊيڪليئريشن“ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جنھن ۾ اسرائيل فلسطين تڪرار جو ٻہ رياستي حل ” مقرر مدي اندر“ مضبوط ۽ ناقابل واپسي قدم کڻڻ تي زور ڀريو ويو آھي.
اسرائيل فلسطين تڪرار تي عالمي اڳواڻن جي اجلاس کان اڳ جنرل اسيمبلي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ٺھراءُ جي حق ۾ 12 ملڪن ووٽ ڏنو، جڏھن تہ آمريڪا ۽ اسرائيل سميت 10 ملڪن مخالفت ڪئي،گڏيل قومن جي ان ٺھراءُ ۾ حماس جي 7 آڪٽوبر تي حملي واري واقعي جي مذمت پڻ ڪئي وئي، جنھن سان غزھ جنگ شروع ٿي ھئي، ٺھراءُ ۾ حماس کان فوري طور ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.
ست صفحن تي ٻڌل نيويارڪ ڊيڪليئرشن ھلندڙ سال جولائي ۾ فرانس ۽ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي عالمي ڪانفرنس بعد سامھون آيو، آمريڪا ۽ اسرائيل ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نہ ڪئي ھئي.
22 سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي دوران غزھ جي معاملي تي عالمي اڳواڻن جو اجلاس پڻ ٿيندو، جنھن ۾ امڪان آھي تہ برطانيا فلسطين کي رياست تسليم ڪري وٺندو، گڏيل قومن جي ٺھراءُ ۾ “نيويارڪ ڊيڪليئرشن” جي توثيق ڪندي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آھي.
ٺھراءُ ۾ غزھ جي ناڪابندي، شھرين جي ملڪيتن، اسرائيلي حملن ۽ فاقہ ڪشي جي مذمت ڪئي وئي ۽ غزھ ۾ عارضي عالمي استحڪام مشن مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪئي وئي آھي.
آمريڪا گڏيل قومن جي ان ٺھراءُ کي گمراھہ ڪن ۽ اڻ وقتائي مشھوري ڪوشش قرار ڏنو آھي، جنھن سان تڪرار جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ سنجيدھ ڪوششن سان نقصان پھچندو.
مبصرن جو خيال آھي تہ نيويارڪ ڊڪليئرشن گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جاري فلسطين تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻہ رياستي حل جي مطالبي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيندو.
خليل الحيہ محفوظ آھي:حماس

ٻئي پاسي حماس جو چوڻ آھي تہ اڱاري تي قطر جي راڄڌاني دوحہ ۾ ٿيل اسرائيلي حملي ۾ حماس اڳواڻ خليل الحيہ محفوظ رھيو.
حماس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تہ خليل الحيہ اسرائيل جي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ شھيد ٿيل پنھنجي پٽ ۽ ڪٽنب جي ٻين جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز ۾ خليل الحيہ جي شرڪت کان اڳ سڪيورٽي جا خصوصي انتظام ڪيا ويا ھئا.
ان کان اڳ حماس پاران اسرائيلي حملي ۾ شھيد ٿيل 5 ڄڻن جا نالا ظاھر ڪيا ويا جن ۾ خليل الحيہ جو پٽ حمام، آفيس مئنيجر جھاد لباد، باڊي گارڊ مومن، عبدالواحد ۽ احمد مملوڪ شامل آھن.