قطر تي اسرائيلي حملو:” جيئن آمريڪا پاڪستان ۾ اسامه کي ماريو، تيئن اسان حماس اڳواڻن کي قطر ۾ ماريو“: نيتن ياهو

فہرستِ مضامین

قطر تي حملو اسرائيل جي کليل دھشتگردي قرار، آمريڪا جي ٻٽي پاليسي ۽ نيتن ياھو جو بار بار پاڪستان جو ذڪر

وچ اوڀر ۾ امن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ٽياڪڙي لاءِ پليٽ فارم ۽ ميزباني ڪندڙ ملڪ قطر تي اڱاري ڏينھن اسرائيلي فوج ان وقت حملو ڪيو، جڏهن حماس اڳواڻ هڪ اجلاس ۾ موجود هئا، اسرائيل جي اِن حملي تي قطر، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن مان سخت رد عمل آيو، اهو تاثر پيدا ٿيو ته اسرائيل عزه امن معاھدي لاءِ ٿيندڙ ڳالھين ۾ اڳڀرائي جي اميد ختم ڪري ڇڏي.

پرڏيھي خابرو اداري موجب اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو جي حڪم تي دوحه ۾ ان ھنڌ کي نشانو بڻايو ويو جتي حماس جي سربراھ ۽ مذاڪراتي ٽيم غزھ ۾ امن معاھدي جي حوالي سان اھم مشاورت ۾ رڌل هئا.

اسرائيل جي 10 کان وڌيڪ جنگي جھازن قطر جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي ڪندي دوحه ۾ ھڪ رھائشي عمارت تي ميزائيل وسايا.

قطر جو اسرائيل کي جواب ڏيڻ جو اعلان

قطر اسرائيل جي حملي خلاف سخت ردعمل جو اظھار ڪندي ملڪي سلامتي ۽ خودمختاري تي حملو قرار ڏنو آھي.

قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آھي ته اسرائيل حملو ڪري يرغمالين جي آزادي واري اميدن تي پاڻي ھاري ڇڏيو آھي، اسرائيل تي حملي جو جواب علائقائي دوستن جي گڏيل مشوري بعد ڏينداسين.

قطر جي وزيراعظم چيو ته اسرائيل جي وزيراعظم کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻو پوندو، جنھن دوحه تي حملو ڪري اسرائيلي يرغمالين جي آزادي واري اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي.

شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو ته جنھن ڏينھن اسرائيل حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ان ڏينھن ھو اسرائيلي يرغمالين جي خاندان سان ملاقاتون ڪري رھيو ھو.

اسرائيلي يرغمالين جا ڪٽنب ڳالھين لاءِ ڏينھن ڳڻي رھيا ھئا، جنھن جي ڪاميابي جي ھاڻ ڪا به اميد نه آھي، اسان اسرائيلي وزيراعظم خلاف عالمي عدالت کان انصاف چاھيون ٿا.

قطر جي ايف 15 جنگي جھازن ملڪي سرحدن تي گشت پڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.

اسرائيلي بمباري ۾ نقصان

حماس اسرائيل جي حملي کي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏيندي حملي کي امن لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آھي.

حماس پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته ان جي قيادت قطر جي گادي واري هنڌ ۾ اسرائيل جي قاتلاڻي حملي ۾ بچي وئي آهي، بمباري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ حماس اڳواڻ خليل الحيا جو پٽ ۽ هڪ مددگار شامل آهي.

حماس چيو ته ڳالهين ڪندڙ ٽيم غزه جي پٽي ۾ جنگ بندي جي تازي آمريڪي تجويز تي بحث ڪرڻ لاءِ دوحا جي هڪ رهائشي ڪمپائونڊ ۾ ملاقات ڪري رهي هئي تھ اسرائيلي جنگي جھازن بمباري ڪئي.

نيتن ياهو پاران بار بار پاڪستان جو ذڪر

اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو قطر  تي حملي بابت جواز پيش ڪندي چيو آھي ته دوحه ۾ اھڙي ڪارروائي ڪئي جھڙي 11 سيپٽمبر تي آمريڪا پاڪستان اندر اسامه بن لادن کي مارڻ لاءِ ڪئي ھئي.

نيتن ياھو نائين اليون واقعي کي 24 سال مڪمل ٿيڻ تي پنھنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا به اسامه بن لادن جو پيڇو ڪندي کيس پاڪستان جي شھر ايبٽ آباد ۾ ماريو ھو.

اسرائيلي وزيراعظم قطر سميت ٻين ملڪن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر خبردار ڪندي چيو آھي ته اھي شدت پسندن ۽ دھشتگردن کي پناھ ڏيندا ته اسرائيل اھڙن حملن جو سلسلو جاري رکندو.

نيتن ياھو چيو ته اسان 7 آڪٽوبر جي ماسٽر مائينڊ دھشتگردن جو پيڇو ڪيو ۽ کين قطر ۾ نشانو بڻايو، جيڪو کين پناھه ڏيندو آھي، حماس جي مالي مدد ۽ رھڻ لاءِ شاندار محل ڏيندو آھي.

اسان به اھو جيڪو آمريڪا ڪيو ھو، آمريڪا افغانستان ۾ دھشتگردن جو پيڇو ڪيو ان کانپوءِ انھن کي ڳولي پاڪستان ۾ ماري ڇڏيو.

ياد رهي ته اسامه بن لادن کي آمريڪي نيوي سيلز 2 مئي 2011 تي پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد ۾ ھڪ مبينا آپريشن ۾مارڻ بعد سندس لاش ھيليڪاپٽر ۾ کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ھو

پاڪستان جو سخت رد عمل، قطر سان يڪجهتي

پاڪستان وزيراعظم شھباز شريف قطر تي اسرائيلي حملي بعد قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ حملي جي پرزور مذمت ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف اڄ خميس ڏينهن قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته هو هن هفتي دوحه ۾ اسرائيلي هوائي حملي کان پوءِ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام جو مطالبو ڪرڻ لاءِ خليجي رياست جو دورو شروع ڪندو.

ترڪي جي صدر رجب طيپ اردگان پڻ قطر جي امير سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري چيو آھي ته قطر جوابي ڪارروائي تي سوچي رھيو آھي تھ ترڪي سندس ھٿ مضبوط ڪندو.

برطانيا، چين، روس، سعودي عرب، يو اي اي پڻ اسرائيل جي دوحه تي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي قطر جي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو آھي.

چين جي پرڏيھي کاتي جي ترجمان حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته غزھ جنگبندي معاھدي کي ڄاڻي واڻي ختم ڪرڻ لاءِ اھڙي قدم کي رد ڪيون ٿا، چين کي ڳڻتي آھي ته ھي حملو خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ وڌڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو، چين اسرائيل تي زور ڀري ٿو ته ھڪ تڪرار ختم ڪري ۽ ڳالھيون شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پر اسرائيل ان جي بلڪل ابتڙ ڪري رھيو آھي.

سعودي عرب قطر سان گڏ آهي

سعودي عرب جي ولي عھد محمد بن سلمان قطر تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته اسان برادر ملڪ قطر سان گڏ آھيون، اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

قطر تي اسرائيلي حملي بعد آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم نيتن ياھو سان 2 ڀيرا ٽيليفونڪ ڳالھه ٻولھه ڪئي آھي ۽ اسرائيلي حملي کي غير دانشمنداڻو قرار ڏنو آھي.

آمريڪي اخبار جو چوڻ آھي ته صدر ٽرمپ نيتن ياھو کان پڇيو حملو ضروري آھي ۽ ڇا حملو ڪامياب رھيو؟ اسرائيلي وزير اعظم چيو ته انھن کي ھڪ  موقعو مليو جنھن سبب ڪارروائي ڪئي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي ته اسرائيل کي پنھنجي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جو حق حاصل آھي.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته قطر تي ھڪ پاسي جي بمباري اسرائيل يا آمريڪا جي مقصدن کي اڳتي نه وڌائيندي، قطر تي حملو آمريڪا جو نه پر اسرائيل جي وزيراعظم جو ھو.

آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو کي قطر سان دفاعي سھڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ جو چيو آھي.قطر ھڪ خودمختار ملڪ ۽ آمريڪا جو ويجھو ساٿي آھي .

آمريڪي پرڏيھي کاتي جو چوڻ آھي ته قطر کي اسرائيلي حملي کان اڳ باضابطه طور آگاھه ڪيو ويو ھو.

قطر جي پرڏيھي کاتي آمريڪي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ويو آھي ته کين ان وقت اطلاع ڏنو جڏھن دوحه ڌماڪن سان گونجي رھيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں