اسلام آباد ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستان ۾ لکين ماڻھن جون فون ٽيپ ٿيڻ ۽ انٽرنيٽ فائر وال ذريعي نگراني ڪرڻ جو بھ انڪشاف ڪيو آھي.
خانگي ٽي وي جي ھڪ رپورٽ موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل پنھنجي رپورٽ ۾ الزام لڳايو تھ پاڪستاني اختيارين شھرين جي غير قانوني نگراني جاري رکي آھي، جنھن ۾ عام شھري، صحافي ۽ ناميارا سياستدان شامل آھن.
ايمنسٽي انٽرنيشنل پنھنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪندي ڄاڻايو آھي تھ پاڪستاني ادارا ھڪ ئي وقت 40 لک موبائيل فونز جي نگراني ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ٻيو طريقو ڊبليو ايس ايم ٽو فائر سڏجندڙ فائر وال آھي، جيڪو انٽرنيٽ تي 20 لک فعال سيشنز کي بلاڪ ڪري سگھي ٿو.
ايمنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آھي تھ نگراني جا اھي ٻئي سسٽم گڏجي ڪم ڪندا آھن، ھڪ نظام ڪالز ۽ پيغام ٻڌرائيندو آھي، ٻيو سموري ملڪ ۾ ويب سائيٽس ۽ سوشل ميڊيا کي سست يا بند ڪري ڇڏيندو آھي.
ايمنسي انٽرنيشنل موجب فون ٽيپ ڪمپنين کي مبينا طور “ لا فل انٽرسپٽ مئنيجمينٽ سسٽم ( LIMS ) ڳنڍڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، جيئن ڊجيٽل سرگرمين جي نگراني ڪري سگھجي.
ساڍا 6 لک لنڪس بلاڪ ڪيون ويون
انساني حقن جي عالمي تنظيم رپورٽ ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي آھي تھ پاڪستان ۾ ھن وقت تقريبن 6 لک 50 ھزار ويب لنڪس کي بلاڪ ڪيو آھي، يوٽيوب، فيس بڪ ۽ ايڪس جھڙن پليٽ فارمز تي پابنديون لڳي رھيون آھن.
واضح رھي تھ ان کان اڳ وفاقي وزيرن سميت ٻين اھم شخصيتن جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو ھو، جنھن جو وفاقي گھرو وزير محسن نقوي نوٽيس وٺندي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي ھئي.
ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جو انڪشاف
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جي ھدايتن تي وفاقي وزيرن ۽ ٻين اھم شخصيتن جي موبائيل ۽ سمز جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ واري مامري جي جاچ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي پاران ڪميٽي قائم ڪئي وئي ھئي.
جاچ ڪميٽي وفاقي وزيرن جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي ھر پاسي کان جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪندي، ڪميٽي کي معاملي جي جاچ بعد 14 ڏينھن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.
ھڪ نجي ٽي وي چينل پنھنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي ھئي تھ انٽرنيٽ تي ملڪ جي اھم شخصيتن، وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ڊيٽا وڪرو ٿي رھي آھي.