بلاول ڀٽو زرداري جي امير بخش ڀٽو سان ملاقات، ممتاز ڀٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت

فہرستِ مضامین

 بلاول ڀٽو زرداري ميرپور ڀٽو ۾ ڏھيسر ھائوس پھچي امير بخش ڀٽو سان ملاقات ڪئي ۽ سندس والد اڳوڻي وڏي وزير ممتاز ڀٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري، ممتاز ڀٽو جي بلند درجن لاءِ فاتح خواني ڪئي ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.

 ان موقعي تي پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر اعجاز جکراڻي، سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم پي اي جميل سومرو، سھيل انور سيال، ڄام خان شورو، عبدالفتح ڀٽو، اي ڊي ڀٽو ۽ انور لھر بھ ساڻس گڏ ھئا.

ملاقات کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو ويجھو سنڌو درياھھ تي تعمير ٿيندڙ موريا آگاڻي لوپ بند تي دورو ڪيو، ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي عملدارن کيس بريفنگ ڏني.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں