زندگي بيھڻ نہ گھرجي: پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقي ڪماليا ۾ گھوٽ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جي ٻيڙي ۾ ڪنوار وٺي گھر پھتو

فہرستِ مضامین

پنجاب جي علائقي ڪماليا ۾ گھوٽ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جي ٻيڙي ۾ ڪنوار  کي وٺي گھر پھچي ويو، ڪنوار جي رخصتي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آھن.

نوجوان شھزاد پنھنجي ڄڃ وٺي ڪماليا واري علائقي مان روانو ٿيو، پر زميني رابطو ڪٽيل ھجڻ سبب کيس ٻيڙين جو سھارو وٺڻو پئجي ويو.

خان دا چڪ ڳوٺ ۾ شھزاد جي نڪاح جي تقريب ٿي، جنھن کانپوءِ ريڪسيو 1122 جي ٻيڙي ذريعي ڪنوار جي رخصتي ڪئي وئي، ٻيڙي ۾ گھوٽ ڪنوار کانسواءِ 5 عورتون ۽ ڪجھھ مرد موجود ھئا.

ڪنوار جي والد ڇا چيو؟

ڪنوار جي والد ٻڌايو تھ کين لڳي رھيو ھو تہ اھو خوشي جو ڏينھن مڪمل نہ ٿي سگھندو، ان صورتحال ۾ ريسڪيو 1122 جي رضاڪارن سندن مدد ڪئي، رضاڪارن نہ رڳو مدد ڪئي پر سندن خوشين جا محافظ بڻجي ويا.

اسان پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي

ريسڪيو 11122 جي اھلڪارن چيو تہ ھنن پنھنجي ذميواري پوري ڪئي ۽ گھوٽ ڪنوار سميت ٻين ماڻھن کي سندن منزل تي پھچايو، گھوٽ ڪنوار جي مدد ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي ريسڪيو ون ون ٽو ٽو جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي، ريسڪيو ون ون ٽو ٽو جي آفيشل اڪائونٽ تان جاري ٿيل پوسٽ ۾ لکيو ويو تہ ھو صوبي جي ماڻھن جي خوشين جا محافظ آھن.

گھوٽ ۽ ڪنوار سان گروپ فوٽو

ريسڪيو ون ون ٽو ٽو جي اھلڪارن جي گھوٽ ڪنوار سان نڪتل گروپ فوٽو ھن انوکي واقعي کي ھميشہ لاءِ يادگار بڻائي ڇڏيو، سڀ کان دلچسپ منظر اھو ھو جنھن ۾ ٻيڙي ۾ گھوٽ ڪنوار سان گڏ ويٺل ھڪ شخص دھل وڄائي ۽ ڳيچ ڳائي رھيو آھي، وڊيو ۾ ڪنوار کي ٻيڙي ۾ سوار ٿيندي ڏسي سگھجي ٿو ۽ ھڪ ريسڪيو اھلڪار کيس لائف جيڪيٽ پھرائي ٿو.

ڪماليا ۾ ٻوڏ جي صورتحال

پنجاب جو علائقو ڪماليا لاھور کان لڳ ڀڳ 218 ڪلوميٽر پري آھي، راوي درياھ ۾ چاڙھ سبب ھن وقت ڪماليا ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي، ڪيترن ئي ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آھي، جنھن سبب ريسڪيو ون ون ٽو ٽو جا اھلڪار ماڻھن جي مدد ڪري رھيا آھن، ڪماليا ۾ رستا بند ھجڻ سبب کاڌ خوراڪ جي بہ کوٽ ٿي رھي آھي ۽ ماڻھو ٻيڙين ذريعي شھرن طرف اچي سامان جي خريداري ڪن ٿا، ريسڪيو ون ون ٽو جي رضاڪارن اھڙي صورتحال ۾ شادي کي يقيني بڻايو آھي، گھوٽ شھزاد جو چوڻ ھو تہ ھو سوچي رھيو ھو تہ کيس شادي ملتوي ڪرڻي پوندي، جنھن سبب ھو گھڻي پريشاني جو شڪار بہ ٿي ويو ھو، پر ريسڪيو ون ون ٽو ٽو جي اھلڪارن سندس خوشين جي حفاظت ڪئي آھي جنھن تي ھو رضاڪارن جا ٿورائتا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں