لائیو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مالي سال 2026-27ع جي مثبت شروعات

فہرستِ مضامین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مالي سال 2026-27ع جي مثبت شروعات ٿي آهي۔

شيئرز مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران صبح جي وقت 100 انڊيڪس ۾ 1,164 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ انڊيڪس وڌي ھڪ لک 81 هزار 466 پوائنٽن تي پهچي ويو۔

اڄ هيل تائين ٿيندڙ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 80 هزار 565 پوائنٽن جي گهٽ ترين سطح تائين به آيو، جڏهن ته ھڪ لک 81 هزار 522 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تائين پڻ پهتو۔

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس ھڪ لک 80 هزار 301 پوائنٽن تي بند ٿيو هو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں