لائیو ابراھيم حيدري واري علائقي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان پٽ پنھنجي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ابراهيم حيدري ٿاڻي جي حد ليبر ڪالوني ۾ ملڪيت جي تڪرار تان پٽ پنهنجي دوست سان گڏجي پنهنجي سڳي پيءُ محمد اقبال کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واردات کي ڦر جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي۔

ملير پوليس ٽيڪنيڪل شاهدين ۽ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي انڌو قتل ٽريس ڪندي مقتول جي پٽ اعجاز ۽ سندس دوست شيراز کي گرفتار ڪري ورتو۔

پوليس موجب جوابدار اعجاز قتل ۾ مدد ڪرڻ عيوض جوابدار شيراز سان 15 هزار رپيا ۽ هڪ آئي فون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو۔ جوابدارن جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي۔

پوليس موجب ابراھيم حيدري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي۔

ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباس ڏيندي وڌيڪ جاچ جي هدايت ڪئي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں