لائیو اداڪارا طور مون کي اها سڃاڻپ نه ملي، جنهن جي مان حقدار هيس: ڪنزا هاشمي

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل ڪنزا هاشمي چيو آهي ته مون کي ڪيترن ئي موقعن تي محسوس ٿيو ته اداڪارا طور مون کي اها سڃاڻپ نه ملي، جنهن جي مان حقدار هيس۔

تازو هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي ڪنزا هاشمي چيو ته مون پنهنجي ڪيريئر ۾ هميشه مختلف ۽ منفرد ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔

هن مثال ڏيندي ٻڌايو ته ڊرامي دل آويز ۾ مون ٻه بلڪل مختلف ڪردار نڀايا، جڏهن ته ٻين ڊرامن ۾ به منهنجا ڪردار منفرد رهيا آهن۔

ڪنزا هاشمي چيو ته مان ڄاڻان ٿي ته مون کي گهٽ مڃتا مليل (انڊر ريٽيڊ) اداڪارا سمجهيو ويندو آهي، پر ان ڳالهه جو مون کي ڪو افسوس ناهي۔

سندس چوڻ ھو تہ ماڻهو منهنجين صلاحيتن کان واقف آهن، تنهنڪري مان اطمينان سان پنهنجي سفر تي ڌيان ڏئي رهي آهيان ۽ مسلسل محنت ڪري رهي آهيان۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں