واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ قطر جي گادي واري شهر دوها ۾ فني سطح تي ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ايران طرفان انهن ڳالهين جي عوامي سطح تي ترديد کي هن “فارسي انداز جي سفارتڪاري” قرار ڏنو آهي.
جي ڊي وينس هڪ انٽرويو دوران چيو ته تهران جي سرڪاري بيانن ۽ زميني حقيقتن ۾ فرق نظر اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران هڪ طرف ڳالهين کان انڪار ڪري رهيو آهي، پر ٻئي طرف ٻنهي ملڪن جا فني ماهر ۽ سفارتي نمائندا مختلف معاملن تي رابطي ۾ آهن.
هن چيو ته ايران جي عوامي بيانن کي سنجيدگي سان ضرور ڏسڻ گهرجي، پر اهڙا بيان ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهين جي حڪمت عملي جو حصو هوندا آهن. وينس ان کي “فارسي طرزِ ڳالهين” سان تشبيهه ڏيندي چيو ته ايران اڪثر ڳالهين دوران پنهنجي موقف کي عوام آڏو مختلف انداز ۾ پيش ڪندو آهي، جڏهن ته بند دروازن پٺيان ڳالهين جو عمل جاري رهندو آهي.
آمريڪي نائب صدر موجب واشنگٽن چاهي ٿو ته سفارتي عمل اڳتي وڌي ۽ اهڙو معاهدو سامهون اچي جيڪو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، ايران جي ايٽمي پروگرام بابت خدشن کي گهٽ ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام کي هٿي ڏئي. هن چيو ته آمريڪا ڳالهين جي ڪاميابي کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، پر جيڪڏهن اهي ڪامياب نه به ٿيون ته به آمريڪا پاڻ کي مضبوط سفارتي ۽ حڪمت عملي واري پوزيشن ۾ سمجهي ٿو.
ٻئي پاسي ايران سرڪاري طور سڌين ڳالهين جي ترديد جاري رکي آهي ۽ سندس موقف آهي ته آمريڪا سان ڪنهن به اڳڀرائي لاءِ پهرين اعتماد بحال ٿيڻ ضروري آهي. ڪجهه ذريعن موجب دوحه ۾ آمريڪي نمائندا ثالثن سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايراني عملدارن سان سڌيون ملاقاتون اڃا تائين واضح نه آهن.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جا متضاد عوامي بيان سفارتي عمل کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيا آهن. بهرحال، جيڪڏهن فني سطح جون ڳالهيون جاري رهيون ته ايندڙ هفتن ۾ ڪنهن عبوري يا وسيع معاهدي بابت اڳڀرائي جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا، جيڪا وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿي.