ڳڙھي ياسين / رپورٽ: مسلم چانڊيو
شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙھي ياسين ۾ دھشت جي علامت بڻيل مھر ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو، ڌرين تي مجموعي طور تي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، ھن تڪرار ۾ 2 پوليس اھلڪار بھ مبينا طور تي قتل ٿيا،جن جو ڪيس سان واسطو ئي نھ ھو.
سنڌ ۾ ھلندڙ قبيلائي تڪرار ڪيتريون ئي قيمتون جانيون ڳڙڪائي چڪا آھن، جيتوڻيڪ جرڳن تي عدالتي پابندي آھي پر مختلف تڪرارن جو جرڳن ذريعي نبيرو ڪيو ويندو آھي، ڪي تڪرار وري نبيرو ٿيڻ باوجود ٻيھڙ ڀڙڪي اٿندا آھن.
مال جي چوري تان 8 ماڻھو قتل
ڳڙھي ياسين ويجھو ڳوٺ ٻانبيھر جا مھر جي رھواسي نبي داد مھر ۽ ڳوٺ کنڊ معرفاڻي جي شھباز ممڻاڻي معرفاڻي جي ڌرين وچ ۾ 2009 ۾ نومبر مھيني ۾ مال جي چوري تان تڪرار شروع ٿيو، جيڪو بعد ۾ خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو.
ٻنھي ڌرين ۾ مختلف وقتن تي ٿيندڙ جھيڙن دوران 8 ماڻھو مارجي چڪا آھن ۽ 2 زخمي ٿيا ، مقتولن ۾ نبي بخش داد مھر جا عجب خان، رياض علي شاد سميت 4 ڄڻا شامل آھن، جڏھن تھ معرفاڻي برادري جو الطاف، بابل، محمد علي ۽ آصف ممڻاڻي معرفاڻي شامل آھن.
تڪرار جو نبيرو
تڪرار جو نبيرو ڪماريو ھائوس ترائي ۾ اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مھر ۽ سردار ذوالفقار ڪماريو جي سرپئنچي ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين تي 8 خون ۽ 2 زخمي ثابت ٿيا، جن جو 2 ڪروڙ 35 لک رپيا ڏنڊ ٻڌائڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي.
نبي داد مھر واري ڌر مٿان 4 قتل ۽ ھڪ زخمي ثابت ٿيڻ تي ھڪ ڪروڙ 25 لک 50 ھزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏھن تھ شھباز مماڻي معرفاڻي جي ڌر تي 4 قتل ۽ زخمي ثابت ٿيڻ تي ھڪ ڪروڙ 19 لک 50 ھزار ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي.
جرڳي ۾ ايم اين اي شھريار مھر، مشتاق احمد مھر، شفقت خان منگراڻي ڊاڪٽر سليم ابڙو، آغا شجاع دراني، سردار نجف ڪماريو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، فتويٰ بعد ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارائي دعا پڻ گھري وئي.
جھيڙي ۾ ٻن پوليس اھلڪارن جي شھادت
مھر ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان جعفري برادري سان واسطو رکندڙ 2 پوليس اھلڪار بھ قتل ٿيا، علائقي واسين موجب ٻنھي پوليس اھلڪارن جو ھن خوني تڪرار سان ڪو بھ واسطو نھ ھو.
مقتول پوليس اھلڪارن جي وارثن جو الزام آھي تھ مھر برادري جي ماڻھن ھوٽل تي فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ پوليس اھلڪار لکمير جعفري ۽ داد محمد جعفري شھيد ٿي ويا، جيڪي ھوٽل تي چانھھ پي رھيا ھئا تھ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا. مھر ۽ معرفاڻي برادري ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو پر ھن جھيڙي دوران مبينا طور قتل ٿيل ٻن پوليس اھلڪارن بابت ڪا بھ فتويٰ نھ ٻڌائي وئي.