اسلام آباد ۽ پشاور، مانسهرهه، ايبٽ آباد، سوات ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

فہرستِ مضامین

وفاقي گادي واري ھنڌ اسلام آباد ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي شدت 4 ڏھائي پنج رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب خيبرپختونخواھه ۾ پشاور، مانسھرھه، اسلام آباد، ايبٽ آباد ۽ سوات ۾ زلزلي جا لوڏا آيا، جنھن بعد رھواسي خوف وچان گھرن کان ٻاھر نڪري آيا.

زلزلو ماپيندڙ اداري موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان جو ڏکڻ اوڀر ھو، اونھائي 22 ڪلو مير ھئي.

واضح رھي ته پھرين سيپٽمبر جي رات زلزلي سبب افغانستان ۾ 1400 ماڻھو فوت ۽ 3 ھزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ھئا، ان دوران پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ به زلزلو آيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں