لائیو ٻارن جي جنسي استحصال وارين تصويرن جو معاملو، ميگهن مارڪل جو پيءُ گرفتار

فہرستِ مضامین

آمريڪي جاچ اداري ايف بي آءِ برطانوي شهزادي هيري جي گهرواري ۽ ڊچس آف سسڪس ميگهن مارڪل جي 82 ورهين جي پيءُ ٿامس مارڪل کي ٻارن جي جنسي استحصال وارين مبينا تصويرن جي جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب ٿامس مارڪل کي آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ڊيمينشيا جي مريضن جي سار سنڀال لاءِ قائم هڪ مرڪز مان گرفتار ڪيو ويو، جتي هو رهائش پذير هو.

ٻارن سان بدسلوڪي وارين تصويرن جو معاملو

رپورٽ موجب ٿامس مارڪل جي پٽ ٿامس مارڪل جونيئر گذريل مهيني فلپائن پوليس ۽ ايف بي آءِ کي اطلاع ڏنو هو ۽ اختيارين حوالي تصويرن جو هڪ مجموعو پڻ ڪيو هو، جنهن بابت دعويٰ ڪئي وئي ته اهي ٻارن سان جنسي بدسلوڪي سان لاڳاپيل آهن.

هن دعويٰ ڪئي ته اهي تصويرون کيس فلپائن جي شهر سيبو ۾ پنهنجي والد جي سامان مان مليون هيون.

رپورٽ موجب گذريل هفتي ميڪسيڪو پوليس جي ڇاپي دوران به مبينا طور اهڙو مواد هڪ اسٽوريج يونٽ مان هٿ آيو، جيڪو ٿامس مارڪل پاران ميڪسيڪو جي شهر روزاريٽو ۾ پنهنجي اڳوڻي رهائشگاهه ڀرسان ڪرائي تي ورتل هو.

7 هزار کان وڌيڪ تصويرون هٿ اچڻ جي دعويٰ

فلپائن جي گهرو ۽ مقامي حڪومت واري وزير جونوڪ ريمولا منيلا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته اختيارين کي 7 هزار کان وڌيڪ تصويرون ۽ هڪ وڊيو ڪلپ مليا آهن، جن ۾ ايشيائي، لاطيني ۽ يورپي نسل جا ٻار ۽ نابالغ شامل آهن.

هن موجب ڪجهه ٻارن جون عمريون 10 ۽ 11 سالن کان به گهٽ آهن. هن هٿ آيل مواد کي انتهائي نفرت جوڳو قرار ڏنو.

وزير اهو پڻ چيو ته اهڙا ثبوت موجود آهن، جن مان ٿامس مارڪل جي پٽ جي امڪاني ملوث هجڻ جو اشارو ملي ٿو، جڏهن ته هن وقت تائين سندس پٽ سان جوابدار طور ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي ٿامس مارڪل ٻارن جي جنسي استحصال واري مواد رکڻ جي الزامن کي مسلسل رد ڪندو رهيو آهي.

ميگهن مارڪل معاملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي متاثر ٻارن ۽ سندن خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اعلان ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں