ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊ جي غلبي يا سخت غنودگي واري حالت ۾ گاڏي هلائڻ کي به شراب جي نشي ۾ ڊرائيونگ ڪرڻ جيترو سنگين معاملو سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٿڪاوٽ ڊرائيور جي ڌيان ۽ فوري ردعمل ڏيڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري ٿي.
نيشنل سليپ فائونڊيشن جي تازي سروي موجب آمريڪا ۾ هر 10 مان 6 کان وڌيڪ ڊرائيور سخت ننڊ يا غنودگي جي حالت ۾ گاڏي هلائي چڪا آهن، جنهن سبب روڊن تي حادثن جا خطرا وڌڻ بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب آمريڪا ۾ لڳ ڀڳ 14 ڪروڙ 50 لک بالغ ماڻهو غنودگي جي حالت ۾ گاڏي هلائي چڪا آهن، جن مان تقريباً 3 ڪروڙ 50 لک ماڻهو مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ائين ڪن ٿا.
سروي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيترائي ڊرائيور ٿڪاوٽ جون شروعاتي نشانيون سڃاڻڻ ۾ ناڪام رهن ٿا. لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ڊرائيورن کي بار بار اکيون ڇنڀجڻ، مٿو جهڪڻ يا گاڏي جو پنهنجي لين مان ٻاهر نڪرڻ جهڙيون علامتون محسوس نٿيون ٿين، حالانڪه اهي سخت ٿڪاوٽ ۽ ننڊ جون نشانيون آهن.
رپورٽ ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب موتمار ٽريفڪ حادثن مان تقريباً هر پنجين حادثي ۾ ڊرائيور جي غنودگي جو ڪردار هوندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊ جي حالت ۾ ڊرائيونگ کي شراب جي نشي ۾ گاڏي هلائڻ جيترو خطرناڪ سمجهڻ گهرجي.
سروي موجب 62 سيڪڙو آمريڪي شهرين ان ڳالهه جي حمايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن غنودگي جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ سبب ڪو ماڻهو سخت زخمي ٿئي يا فوت ٿي وڃي ته اهڙي عمل کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.
نيشنل سليپ فائونڊيشن بالغ ماڻهن کي هر رات 7 کان 9 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته مناسب ننڊ نه ڪندڙ ڊرائيورن کي ٿڪاوٽ جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ بدران آمدرفت لاءِ متبادل انتظام ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
اداري وڌيڪ زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص سخت ٿڪاوٽ باوجود گاڏي هلائڻ جي ڪوشش ڪري ته کيس ائين ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ بروقت قدم کنيا وڃن.
ماهرن موجب ننڊ جي کوٽ ڊرائيور جي ڌيان، هوشيار رهڻ ۽ روڊ جي بدلجندڙ صورتحال تي فوري ردعمل ڏيڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري ٿي، جنهن سان حادثن جا امڪان وڌي وڃن ٿا.