لائیو ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌيڪ نه وڌڻ گهرجي: بئريسٽر گوھر

فہرستِ مضامین

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌيڪ نه وڌڻ گهرجي، هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته بيرسٽر سلمان صفدر جي پي ٽي آءِ باني سان هڪ ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران عمران خان جي صحت ۽ ڪيسن بابت ڪجهه هدايتون مليون آهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت آيل اطلاع حوصلا افزا ناهن، جنهن تي پوري قوم کي ڳڻتي آهي.

بئريسٽر گوهر مطالبو ڪيو ته اسيمبلي ميمبرن، ڪارڪنن ۽ حامين کي کنڀڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ علاج بابت فيصلو ڪيو وڃي، جڏهن ته سندس ڀينرن کي به فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

هن سپريم ڪورٽ ۾ 18 آگسٽ واري عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں