لائیو ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ ڪيترا شھري مارجي ويا؟ انگ اکر سامھون اچي ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ هلندڙ سال 5 نومبر تائين اسٽريٽ ڪرائم جا 46 هزار 617 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ڦورن جي فائرنگ ۾ 65 شهري مارجي ويا ۽ 182 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب هلندڙ سال شهرين کان ڪروڙين رپين جا 16 هزار 821 موبائل فون ڦريا ويا، جڏهن ته 1301 گاڏيون ۽ 28 هزار 495 موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري ڪيون ويون.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 4 هزار 273 گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون ڦريون ويون، جڏهن ته 25 هزار 523 گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون چوري ٿيون.

پوليس رڪارڊ موجب ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيندڙ شهرين جو انگ 51 آهي، جڏهن ته مجموعي طور ڦورن جي فائرنگ ۾ 65 شهري قتل ٿيا.

رپورٽ موجب هلندڙ سال روزانو سراسري طور 54.43 موبائل فون ڦر ٿيا، گاڏين جي ڦر ۽ چوري جي روزاني شرح 4.21، جڏهن ته موٽرسائيڪلن جي ڦر ۽ چوري جي روزاني شرح 92.21 رهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں