لائیو ايران جوھري پروگرام تي آمريڪا سان ڳالهين لاءِ تيار، جنگبندي ڪوششن ۾ اڳڀرائي جا امڪان

فہرستِ مضامین

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران پنهنجي جوھري پروگرام بابت ڪجهه اهم معاملن تي آمريڪا سان ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن ۾ اڳڀرائي جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.

بلومبرگ جي رپورٽ ۾ ڳالهين کان واقف هڪ سفارتڪار جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنهن ممڪن اڳڀرائي جي ويجهو پهچي رهيا آهن.

رپورٽ موجب، ايران پنهنجي جوهري پروگرام بابت اهڙن معاملن تي به ڳالهائڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جيڪي اڳ ۾ ڳالهين جي ايجنڊا ۾ شامل نه هئا. سفارتڪار موجب، ايران قطر طرفان پيش ڪيل تجويزن جو غور سان جائزو وٺي رهيو آهي، جن ۾ ايران جي جوهري سرگرمين بابت معاملا پڻ شامل آهن.

بلومبرگ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران پاران جوهري پروگرام بابت ڪنهن ممڪن رعايت تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيڻ کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي.

اها اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن قطر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ثالثي جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.

رپورٽ موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو ئي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جنهن دوران خطي جي بحران جي خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

بلومبرگ جو چوڻ آهي ته تازيون اڳڀرائيون ظاهر ڪن ٿيون ته واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو رستو کلي سگهي ٿو، پر اڃا تائين ڪنهن حتمي معاهدي يا ايران پاران باضابطه طور ڪنهن رعايت ڏيڻ جي تصديق سامهون ناهي آئي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مسلسل اهو موقف اختيار ڪندو رهيو آهي ته ايران خلاف جنگ جو بنيادي مقصد تهران کي جوهري هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ آهي، جڏهن ته ايران جو موقف آهي ته سندس جوهري پروگرام پرامن ۽ غير فوجي مقصدن لاءِ آهي.

رپورٽ موجب، جيڪڏهن ايران پنهنجي جوهري سرگرمين بابت وڌيڪ شفافيت ڏيکارڻ تي راضي ٿئي ٿو ته ان کي امن ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو بنياد بڻائي سگهجي ٿو.

ٻئي طرف بلومبرگ پنهنجي رپورٽ ۾ ان اڳڀرائي کي آمريڪا جي سياسي صورتحال سان پڻ ڳنڍيو آهي. رپورٽ موجب، آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن دوران ريپبلڪن پارٽي کي ڊيموڪريٽس جي مقابلي ۾ سياسي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن پسمنظر ۾ صدر ٽرمپ جون جنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششون پڻ اهميت اختيار ڪري ويون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں