آمريڪا ايران سان مبينا مالي لاڳاپن ۽ پابندين کان بچڻ ۾ مدد ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪينيڊا ۾ قائم مالي خدمتون فراهم ڪندڙ 8 ڪمپنين تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.
رپورٽ موجب آمريڪي ناڻي واري کاتي جو الزام آهي ته اهي ڪمپنيون ايراني ڪرنسي ريال ۽ ٻين ملڪن جي ڪرنسين کي ڊجيٽل اثاثن ۾ تبديل ڪرڻ جون سهولتون فراهم ڪنديون هيون، جنهن ذريعي ايران جي حڪومت، اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (آءِ آر جي سي) ۽ آمريڪي پابندين کي منهن ڏيندڙ ٻين ماڻهن ۽ ادارن تائين رقم منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملندي هئي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن مان ڪيترين ئي ڪمپنين جا اهڙن ايراني ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينجز سان پڻ ڪاروباري لاڳاپا هئا، جن تي آمريڪا اڳ ئي پابنديون لاڳو ڪري چڪو آهي.
آمريڪي حڪومت موجب، تازين پابندين جو مقصد ايران پاران عالمي پابندين کان بچڻ لاءِ ڊجيٽل اثاثن جي استعمال کي محدود ڪرڻ آهي. آمريڪا خبردار ڪيو آهي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ موجود اهڙو شخص يا ادارو، جيڪو ايران کي پابندين کان بچڻ ۾ مدد فراهم ڪندو، ان خلاف به ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
آمريڪي اختيارين جي دعويٰ آهي ته ڪجهه ڪمپنين پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ نالا ۽ ڪاروباري پتا پڻ تبديل ڪيا، جڏهن ته انهن بابت خدشا ظاهر ٿيڻ باوجود ڪمپنيون پنهنجون سرگرميون جاري رکندي رهيون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا ”آپريشن اڪنامڪ آئوٽ ڪاسٽ“ تحت ايران جي انهن مالي ذريعن کي نشانو بڻائيندو رهندو، جن بابت آمريڪي حڪومت جو الزام آهي ته اهي دهشتگردي، هٿيارن جي پکيڙ ۽ وچ اوڀر ۾ ايران جي اتحادي گروهن جي مالي مدد لاءِ استعمال ٿين ٿا.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، پابندين کي منهن ڏيندڙ ڪجهه ڪمپنين تي منشيات جي اسمگلنگ مان حاصل ٿيندڙ رقم جي منتقلي ۾ ملوث هجڻ جا خدشا پڻ آهن. آمريڪا چيو آهي ته هو ڪينيڊا سميت پنهنجن عالمي ڀائيوارن سان گڏجي اهڙن مالي نيٽ ورڪن خلاف ڪارروائي جاري رکندو.