سوڊان ڄائي برطانوي ڪالم نگار نسرين ملڪ چيو آهي ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ايندڙ صدارتي اميدوار کي عوامي مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪن اسرائيل پبلڪ افيئرز ڪميٽي (AIPAC) کان کلي عام لاتعلقي جو اظهار ڪرڻو پوندو.
برطانوي ميڊيا جي پروگرام ’ريڊيڪل ٿنڪنگ‘ ۾ آمريڪي سياست ۽ اسرائيل بابت ڳالهائيندي نسرين ملڪ چيو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي ووٽرن جا بدلجندڙ جذبا ۽ عوامي مطالبا سمجهڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڊيموڪريٽڪ پارٽي اسرائيل جي غيرمشروط حمايت جو سلسلو بند نه ڪيو ته اها پنهنجي روايتي ووٽرن جو اعتماد وڃائي ويهندي، جنهن جا سياسي اثر ايندڙ چونڊن ۾ سامهون اچي سگهن ٿا.