اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي خواهشمند اميدوارن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ ٻه ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار هاڻي 8 نومبر 2026ع تائين پنهنجا نامزدگي فارم لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسرن وٽ جمع ڪرائي سگهندا.
ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر سمورن اميدوارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقرر ڪيل تاريخ تائين گهربل دستاويزن سان گڏ پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائين.