اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ پنهنجا مقصد حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندو، جڏهن ته هن وقت تحريڪ انصاف سان باضابطا طور ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين.
راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ سان پٺتي پيل رابطا ٿيندا رهندا آهن، پر باضابطا ڳالهين جو سلسلو شروع ناهي ٿيو. دهشتگردي کي روڪڻ انتهائي اهم آهي ۽ ان خلاف جنگ ۾ ڪاميابي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.
هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. مولانا فضل الرحمان کي گورنر راڄ تي اختلاف جو حق حاصل آهي، جڏهن ته حڪومت کي به جي يو آءِ (ف) جي راءِ سان اختلاف ڪرڻ جو حق آهي.
پنجاب ۾ ڪرپشن بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ جي بيان تي ردعمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ثبوتن کانسواءِ اهڙا الزام نه لڳائڻ گهرجن، چوڌري سالڪ پاڻ به اعتراف ڪيو آهي ته وٽس ڪي ثبوت ناهن.