لائیو بلوچستان ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪير ڪندو؟ جعفر مندوخيل ٻڌائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي گورنر جعفر مندوخيل چيو آهي ته صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي، جڏهن ته ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو اختيار اسلام آباد ۾ ويٺل بااختيار ماڻهن وٽ آهي.

ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گورنر جعفر مندوخيل چيو ته بلوچستان ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو معاملو اسلام آباد جي اختيارين جي هٿ ۾ آهي، کيس صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ناهي.

هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي ۽ صوبي ۾ ڪيترائي مسئلا موجود آهن، پر گورنر جي حيثيت ۾ هو هن وقت ڪيترين ئي ڳالهين تي کليل نموني تبصرو نٿو ڪري سگهي.

جعفر مندوخيل وڌيڪ چيو ته جڏهن هو گورنر جي عهدي تي نه هوندو ته پوءِ سمورن معاملن تي کليل نموني پنهنجو موقف پيش ڪندو.

گورنر بلوچستان جي بيان کانپوءِ صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت بحث هڪ ڀيرو ٻيهر اهميت اختيار ڪري ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں