ڊبليو ٽي اين ڊاٽ ڪام /ڪراچي: سنڌو درياھ ۾ چاڙھه بعد گھوٽڪي، خيرپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ مٽياري ضلعن جي ڪچي جا اڪثر علائقا ٻڏي ويا آھن، ڪچي مان پڪي ڏانھن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ جاري آھي.
گھوٽڪي جي ڪچي واسين جو چوڻ آھي ته سنڌو درياهه ۾ تيزيءَ سان چاڙھ اچي رھيو آھي، ڪچو مڪمل طور ٻڏي ويو آھي، ڪچي مان ماڻھن جي پڪي ڏانھن لڏپلاڻ جو سلسلو بھ جاري آھي.
درياهه ۾ چاڙهه بعد گھوٽڪي جي ڪچي جا ڳوٺ نور لکڻ، ڇهون بلاڪ، باقرساوند، قاسم ساوند، انڍڙن جا پِڙ، آندل سندراڻي ۽ نظرمحمد انڍڙ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا آھن.
ڳوٺ ستار ڏنو سندراڻي، علي گوهر سندراڻي، رئيس حبيب الله ساوند، اعجاز ميراڻي، جاڙوشيخ، اڀريو لکڻ ۽ ٻيا ڳوٺ به ٻڏي ويا آھن.
ڪچي واسين جو چوڻ آھي ته پڪي ڏانھن لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن لاءِ انتظاميا کي ٻيڙين ۽ ٻين سھولتن جو بندوبست ڪرڻ گھرجي.
درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ گمبٽ جو ڪچو به پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آھي، ڳوٺ عثمان ناريجو، آچر جتوئي، علي مراد ڪلهوڙو، گلاب ڪلهوڙو، عبدالرحمان ڪلهوڙو، آدم خان ڪلهوڙو سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آھن، ڳوٺن جو پاڻي جي وڌڻ سبب زميني رابطو به ڪاٽا ٿي ويو آھي.
سنڌو درياهه ۾ چاڙھ بعد مٽياري ضلعي جي ڪچي مان به لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي، سيکاٽ، ڪلياڻ ۽ بايوديرو بندن تي به دٻاءُ وڌي ويو آھي.
ڪچي واسين جو چوڻ آھي ته درل، کوسو، کنڊو ۽ سنگراسي بند به ڪمزور آھن، پاڻيءَ جي وڏن وھڪرن جي سٽ نه سھي سگھندا، آبپاشي عملو ڪنھن به بند تي نظر نه پيو اچي.
ڪچي جا ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙيون ڪرائي پڪي ڏانھن لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن، انتظاميا پاران بندن تي ٻوڏ متاثر ماڻھن لاءِ ڪي به رليف ڪيمپس يا ميڊيڪل ڪيمپس نه لڳايون ويون آھن.
ڪچو ٻڏي وڃڻ سبب آبادگارن جا جوئر، مڪئي، وونئڻ، تر، ڪمند ۽ ڀاڄين سميت ٻيا فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن.
چئني ضلعن جي ڪچي جي ماڻهن ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي ته ڪچي جي بندن تي رليف ۽ ميڊيڪل ڪيمپس قائم ڪيون وڃن ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ ڳوٺاڻن لاءِ وڌيڪ ٻيڙين جو انتظام ڪيو وڃي.