ٽرمپ جا ٽيرف لڳائڻ وارا فيصلا صدارتي اختيارن جي ابتڙ قرار: ” جيڪڏهن سپريم ڪورٽ فيصلو برقرار رکيو ته آمريڪا تباهه ٿي ويندو“.

فہرستِ مضامین

آمريڪا جي ھڪ عدالت فيصلو ٻڌايو آھي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مختلف ملڪن تي لڳايل ٽيرف صدر جا ايمرجنسي اختيار اورانگھڻ برابر آھن، عدالت رمارڪس ڏنا ته صدر ٽرمپ طرفان مختلف ملڪن تي ٽيرف غيرقانوني طور لڳايو پيو وڃي، فيصلي ۾ عدالت ٽيرف کي ختم ڪرڻ جو حڪم ته ناهي ڏنو پر عدالت ان کي عارضي طور (15 آڪٽوبر) تائين برقرار رکڻ جي ھدايت ڪئي آھي.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت، پاڪستان سميت مختلف ملڪن تي ٽيرف لاڳو ڪيو هو، نئين دهلي تي اضافي ٽئڪس ۽ پاڪستان کي رعايت ڏني وئي هئي.

ٽرمپ جي صدارتي حڪمنامي موجب پاڪستان کي 19 سيڪڙو محصول ڏيڻو پوندو، ڪينيڊا کان ايندڙ شين تي 35 سيڪڙو، برازيل تي 50 سيڪڙو، ڀارت تي 25 سيڪڙو، تائيوان تي 20  سيڪڙو ۽ سوئٽزرلينڊ تي 39 فيصد ٽيرف مقرر ڪيو ويو آهي.

پاليسين سان اختلافن جي ڪري امريڪا ڪينيڊا تي ٽيرف 25 سيڪڙو مان وڌائي  35 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، امريڪا سوئٽزرلينڊ تي 39، جڏهن ته  شام تي سڀ کان وڌيڪ 41 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت ترڪي، اسرائيل، افغانستان، جاپان سميت ٻين ملڪن تي 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي.

انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائن، ٿائي لينڊ ۽ ڪمبوڊيا تي 19 سيڪڙو، جڏهن ته بنگلاديش، سريلنڪا، ويتنام ۽ تائيوان تي 20 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چين تي ٽيرف جي حوالي سان حتمي فيصلو اڃا تائين ٿي نه سگهيو آهي.

ٽرمپ موقف تي قائم: ٽيرف غير قانوني قرار ڏيڻ سان ڇا ٿيندو؟

ٽيرف واري معاملي تي عدالي فيصلي بعد حڪومت وٽ 15 آڪٽوبر تائين جو وقت آھي، آمريڪي حڪومت ان معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي سگھي ٿي، پر ان فيصلي جو آمريڪي معيشت ۽ دنيا سان واپاري لاڳاپن تي اثر پئجي سگھي ٿو، جيڪڏھن سپريم ڪورٽ به اھو فيصلو برقرار رکي ٿي ته مارڪيٽ ۾ غيريقيني واري صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي.

ٽيرف واري معاملي تي عدالتي فيصلي باوجود آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي موقف تي قائم آھي، عدالت پنھنجي فيصلي ۾ چيو ھو ته ٽرمپ وٽ مختلف ملڪن تي ٽيرف لڳائڻ جو اختيار ناھي، عدالتي فيصلي بعد ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته مختلف ملڪن تي لڳايل ٽيرف اڃا برقرار آھي، اڄ عدالت غلط چيو آھي ته ٽيرف ختم ڪيا وڃن، مون کي خبر آھي ته فتح آمريڪا جي ئي ٿيندي، ٽيرف ھٽايا ويا ته اھو عمل ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو، ان سان ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿي ويندو.

ٽيرف ختم ٿيو ته آمريڪا تباھه ٿي ويندو

پنھنجي بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏھن ٽيرف جي خاتمي وارو فيصلو برقرار رکيو ويو ته اھو آمريڪا کي تباھه ڪري ڇڏيندو، کين ياد رکڻو پوندو ته ٽيرف اسان جي ڪارڪنن جي مدد ڪرڻ ۽ ڪمپنين لاءِ ھڪ بھترين ذريعو آھي، ڪيتري ئي عرصي تائين سندن مخالفن ٽيرف کي سندن خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني، ھاڻي اسان سپريم ڪورٽ جي مدد سان ٽيرف کي آمريڪا کي ٻيھر امير، مضبوط ۽ طاقتور بڻائڻ لاءِ استعمال ڪنداسين.

عدالتي فيصلي بعد ڇا ٿيندو؟

امڪان آھي ته ٽرمپ حڪومت ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃي، آمريڪي صدر پنھنجي بيان ۾ اشارو ڏنو ھو ته ھو عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ويندا، جيڪڏھن سپريم ڪورٽ ھن عدالت جو فيصلو رد ڪري ڇڏي ٿي ته ٽيرف برقرار رھندو، پر جيڪڏھن سپريم ڪورٽ ٽيرف خلاف ڏنل فيصلو برقرار رکي ٿي ته ٽرمپ حڪومت جو ٽيرف ھميشه لاءِ ختم ٿي ويندو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عدالتي فيصلي بعد پنھنجي بيان ۾ چيو ھو ته نااھل سياستدانن ٽيرف کي سندن خلاف استعمال ڪيو، ھاڻي ھو سپريم ڪورٽ جي مدد سان ان ٽيرف کي پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں