آپريشن سندور ۾ اسان 50 هٿيار به فائر نه ڪيا پاڪستان جنگبندي تي مجبور ٿي ويو: ڀارتي نائب ايئر چيف جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

ڀارتي ايئر فورس جي نائب سربراهه ايئر مارشل نرمديشور تيواري دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن سندور ۾ اسان اڃا 50 هٿيار به فائر نه ڪيا هئا جو پاڪستان جنگبندي تي مجبور ٿي ويو، هُن دعويٰ ڪئي ته مشن دوران پاڪستان جي ڪجهه اهڙن هدفن کي به نشانو بڻايو جن کي 1971 جي جنگ ۾ به ٽارگيٽ نه ڪيو ويو هو.

انڊين فضائيه (آءِ اي ايف) جي نائب سربراهه ايئر مارشل نرمديشور تيواري گذريل ڏينهن (30 آگسٽ، ڇنڇر) اين ڊي ٽي وي جي دفاعي ڪانفرنس 2025 کي خطاب ڪندي ‘آپريشن سندور’ بابت ڳالهه ڪئي..

ڀارت جي سرڪاري خابرو اداري پريس ٽرسٽ آف انڊيا موجب، ايئر مارشل تيواري دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن سندور دوران پاڪستاني فوجي هدفن کي 50 کان به گهٽ هٿيارن سان نشانو بڻايو ۽ چئن ڏينهن جي تڪرار کانپوءِ 10 مئي تائين اسلام آباد جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ تي مجبور ٿيو..

ايئر مارشل تيواري مشن جو ذڪر ڪندي چيو ته آءِ اي ايف 9 ۽ 10 مئي جي وچ واري رات پاڪستان جي حملي کانپوءِ ڪيل حملن سان ئي پاڪستاني فوج تي ‘مڪمل تسلط’ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

هن چيو ته توهان کي ٻڌائڻ ضروري آهي ته هي اسان لاءِ هڪ اهم قدم هو، ڇاڪاڻ ته اسان 50 کان به گهٽ هٿيار استعمال ڪيا ۽ پاڪستان کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو، ائين پهريان ڪڏهن به ناهي ٿيو.

هن اهو به دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جا ڪجهه اهڙا هدف به هن مشن دوران نشانو بڻايا ويا، جيڪي 1971ع جي جنگ دوران به ٽارگيٽ نه ڪيا ويا هئا..

ڏکڻ ايشيا هن سال مئي جي شروعات ۾ هن صدي دوران سڀ کان وڏي فوجي تڪرار کي منهن ڏنو، جنهن دوران انڊيا ۽ پاڪستان جنگ’ جي ڪناري تي پهچي ويا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اِها جنگ ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار جي شروعات انڊيا جي انتظام هيٺ ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ 22 اپريل تي سياحن تي ٿيل هڪ شدت پسند حملي سان ٿي، جنهن ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا.

ان پسمنظر ۾ 6 مئي کان 10 مئي تائين ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۾ تڪرار وڌيو ۽ ٻنهي هڪٻئي مٿان ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا، عالمي دٻاءُ تحت ٻئي ملڪ جنگبندي تي مجبور ٿيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں