ايران ايٽمي پروگرام تي ٻيھر سفارتي ڳالھين لاءِ تيار، يورپي يونين جي پرڏيھي پاليسي جي سربراھ کي خط

فہرستِ مضامین

پرڏيھي خابرو اداري موجب ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي ايٽمي پروگرام تي ڳالھين جي حوالي سان يورپي يونين جي پرڏيھي پاليسي جي سربراھ کي خط لکيو آھي، خط ۾ چيو ويو آھي تھ اولھ وارا ملڪ سنجيدگي ۽ خير سگالي  جو مظاھرو ڪن تھ ھو ايٽمي پروگرام تي ٻيھر سفارتي ڳالھين لاءِ تيار آھن، اھڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي ڪاميابي جي امڪانن کي نقصان پھچائن، خط ۾ چيو ويو تھ اھڙي ڪنھن بھ قدم کان پاسو ڪيو وڃي جيڪو ڳالھين کي نقصان پھچائي.

ايران تي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو

ايران طرفان ايٽمي پروگرام تي سفارتي ڳالھين بابت خط سامھون آيو آھي، جڏھن برطانيھ، فرانس ۽ جرمني ايران مٿان پابنديون لڳائڻ وارو عمل ضابطا شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، ٽنھي ملڪن طرفان سلامتي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ چيو ويو ھو تھ ايران ايٽمي پروگرام بابت واعدن تي عمل ناھي ڪيو، ايران 2015 جي معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي.

ايران ايٽمي پروگرام ڪڏھن شروع ڪيو ھو؟

ايران جو ايٽمي پروگرام گذريل ٻن ڏھاڪن کان عالمي سياست ۾ بحث جو موضوع بڻيل آھي، عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اِي اي) سال 2003 ۾ چيو ھو تھ ايران لڳ ڀڳ 18 سالن کان ايٽمي پروگرام تي ڪم ڪري رھيو آھي، ان ۾ ھڪ کان وڌيڪ وڏا ۽ جديد ايٽمي مرڪز شامل آھن، ايٽمي توانائي ايجنسي جي بيان بعد ايران جو ايٽمي پروگرام سفارتي سطح تي اھم مسئلن مان ھڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو.

ايران جو ايٽمي پروگرام روڪڻ جون ڪوششون

ايران جي ايٽمي پروگرام روڪڻ لاءِ مختلف وقتن تي ڪوششون ٿينديون رھيون آھن، اڳوڻي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش 2002 ۾ ايران تي پابنديون لڳائڻ لاءِ سخت دٻاءُ وڌو، جڏھن تھ آمريڪا جي اڳوڻي صدر براڪ اوباما پنھنجي دور ۾ برطانيھ، فرانس، روس، چين ۽ جرمني سان گڏجي ايران سان ٻن سالن تائين ڳالھيون ڪيون ۽ 2015 ۾ (جوائنٽ ڪمپريھينسو پلان آف ايڪشن) معاھدي تي صحيون ڪيون ويون، معاھدي تحت ايران جي ايٽمي پروگرام جي حد مقرر ڪرڻ تي تھران جي لڳايل پابندي ۾ ڪجھھ نرمي ڪئي ويندي، پر صدر ٽرمپ پنھنجي پھرين ئي دور ۾ آمريڪا کي معاھدي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ ھڪطرفي طور ايران تي وڌيڪ پابندي لڳائي ڇڏيون.

ايران-اسرائيل جنگ ڇو ٿي ھئي؟

13جون 2025 تي اسرائيل طرفان ايران اندر مختلف ھنڌن تي حملا ڪيا ويا، اسرائيل جو موقف ھو تھ ھنن ايران جي ايٽمي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ھو، اسرائيلي حملن ۾ ايراني جا فوجي آفيسر، سياستدان ۽ شھري شھيد ٿيا، ايران طرفان بھ جوابي ڪارروائي ڪندي اسرائيلي تي ميزائلن ذريعي حملا ڪيا ويا، 22 جون 2025 تي آمريڪا اسرائيل جو ساٿ ڏيندي ايران جي ايٽمي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي تھ ايران جا ايٽمي ٿاڪ مڪمل طور تباھھ ڪيا ويا آھن، ٻنھي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ 12 ڏينھن تائين جاري رھي، جنھن کانپوءِ 23 جون 2025 تي شام جو 6 لڳي 45 منٽن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو تھ ايران ۽ اسرائيل ۾ جنگبندي ٿي وئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں