غزا تي مڪمل قبضي جون تياريون مڪمل، زميني آپريشن لاءِ اسرائيلي ٽينڪون سرحد تي پھچي ويون

فہرستِ مضامین

غزه پٽي ۾ فلسطينين خلاف آپريشن ڪندڙ اسرائيلي فوج علائقي تي مڪمل قبضي لاءِ زميني آپريشن لاءِ وڏي پئماني تي زميني فوج ۽ ٽينڪون گهرايون آهن، جيڪي سرحد تي پهچي ويون آهن.

پرڏيھي ميڊيا موجب اسرائيل ۽ غزه جي سرحدي دنگ لڳ اسرائيلي فوج کي ٽينڪن ۾ گشت ڪندي ڏٺو ويو آھي.

وزير اعظم نيتن ياهو جي غزه تي مڪمل قبضي بابت جوڙيل منصوبي تي عملدرآمد ۽ اهم فيصلن جي منظوري لاءِ اسرائيلي سڪيورٽي ڪابينا جو اجلاس به اڄ ٿيندو..

گريٽر اسرائيل منصوبو ڇا آھي؟

9جنوري 2025 تي اسرائيلي حڪومت جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ھڪ نقشو جاري ڪيو ويو، جنھن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته فلسطين، اردن، شام ۽ لبنان جا ڪجھه علائقا اسرائيل جو حصو آھن، اسرائيل جو موقف آھي ته اسرائيلي رياست 300 سال اڳ قائم ٿي ھئي، ان جي ٽن بادشاھن 120 سال تائين حڪمراني ڪئي

پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته 931 قبل مسيح ۾ بادشاھ سليمان جي وفات بعد رياست ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي، اولھندي اسرائيلي رياست 209 سالن کانپوءِ ۽ ڏاکڻي رياست 345 سالن بعد بابل جي بادشاھه ھٿان ختم ڪئي وئي

اھو ورھاڱو صدين تائين تڪرار جو سبب بڻيل رھيو ۽ 1448 ۾ رياست اسرائيل طور سامھون آئي، اسرائيلي وزير بزاليل سموٽريچ ببه ڪجھه ڏينھن اڳ ھڪ پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ھو ته “گريٽر اسرائيل منصوبو” عملي طور تي شروع ڪيو پيو وڃي، اسرائيل جي ان قدم کي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات (يو اي اِي)، اردن ۽ فلسطين رد ڪيو ھو، جڏھن ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ھڪ انٽريو دوران چيو ھو ته گريٽر اسرائيل منصوبو سندس روحاني مشن آھي، جنھن کي ھو پورو ڪري رھندو، ھن منصوبي ۾ اردن ۽ مصر جا ڪجھه علائقا به شامل ٿي سگھن ٿا..

غزا ۾ صحافين کي نه  پر حماس جي ڪيمرا کي نشانو بڻايو: اسرائيل

26 آگسٽ تي غزا جي النصر اسپتال تي اسرائيل ھوائي حملي ۾ مختلف ادارن جي 5 صحافين سميت 21  ڄڻا شھيد ٿي ويا ھئا، صحافين تي حملي بعد عالمي صحافتي تنظيمن جي سخت رد عمل بعد ان حوالي سان اسرائيل جو بيان سامھون آيو آھي، اسرائيل جو چوڻ آھي ته ھنن صحافين کي نه پر حماس جي ڪيمرا کي نشانو بڻايو آھي، اھا ڪيمرا اسرائيلي فوج جي نگراني لاءِ لڳائي وئي ھئي..

الناصر اسپتال تي حملي بابت حماس جو رد عمل

فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس الناصر اسپتال تي حملي بعد اسرائيلي دعويٰ کي رد ڪيو آھي، قطري نشرياتي اداري الجزيرا موجب حماس پنھنجي بيان ۾ واضح ڪيو آھي ته الناصر اسپتال تي حملي ۾ شھيد ٿيل 21 ماڻھن مان ڪنھن جو به تعلق حماس سان ناھي، حملي ۾ 5 صحافين سميت 21 ڄڻا شھيد ٿي ويا ھئا

اسرائيل اسپتال تي حملي ۾ حماس جي ڪيمرا کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي..

اسرائيلي حملي ۾ شھيد ٿيل صحافي جو شادي وارو خواب اڻپورو رھجي ويو

عرب ميڊيا موجب الناصر اسپتال تي حملي ۾ شھيد ٿيل فوٽو جرنلسٽ محمد سلامھ جي ڪجھھ ڏينھن بعد شادي رٿيل ھئي، پر ھو شادي کان اڳ ئي اسرائيلي حملي ۾ شھيد ٿي ويو، اسرائيل حملي ھڪ صحافي جو نئين زندگي وارو خواب شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ڪري ڇڏيو، ياد رھي تھ اسرائيلي فوج جي حملي ۾ محمد سلامھ سميت 5 صحافي شھيد ٿي ويا ھئا..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں