ڪراچي: رپورٽ- منظور چانڊيو
شھيد مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آھي ته آرٽ يا اين جي اوز سماج ۾ تبديلي آڻي نه ٿيون سگھن، تبديلي آڻڻ لاءِ سياست ۾ آيو آھيان.
اھڙو اظھار ھُن ڪراچي ۾ سنڌ جي ناياب نسل جي ٻلھڻ جي تحفظ بابت ڪوٺايل ھڪ تقريب ۾ ڳالھه ٻولھه دوران ڪيو، ذوالفقار جونيئر چيو ته ڪجهه سال مون آرٽسٽ طور تبديليءَ لاءِ ڪم ڪيو ۽ اين جي اوز سان به سلھاڙيل رھيس.
ھن چيو ته 2020 ۾ جڏھن سنڌ آيس ۽ سنڌو درياھ توڙي سنڌ جي ماڻھن جي حالت ڏٺي ته منھنجا خيال تبديل ٿي ويا، مون کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ اچي وئي آھي ته آرٽ يا اين جي اوز ماڻھن جي حالت تبديل نه ٿيون ڪري سگھن.
بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو تحريڪ جو سافٽ چھرو ھيون
مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ذوالفقار جونيئر اھا دعويٰ ڪئي ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ ۽ سندس شھادت کانپوءِ پيپلزپارٽي پاڪستان ۾ جمھوريت لاءِ ھڪ ٻه رخي تحريڪ ھلائي.
ھن چيو ته بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جمھوريت جي بحاليءَ واري پيپلزپارٽيءَ جي پرامن تحريڪ جو سافٽ اميج ھيون، جڏھن ته ٻئي پاسي منھنجو بابا شھيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شھيد شاھنواز آمراڻي راڄ خلاف ويڙھه شروع ڪئي.
ھن چيو ته منھنجو بابا ۽ شھيد شاھنواز پيپلزپارٽي جي جمھوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ جو سخت گير ۽ شدت پسند روپ ھئا، ٻنھي جو مقصد ۽ منزل ساڳي ھئي، يعني جمھوريت جي بحالي، ٻنھي ۾ ڪو اختلاف نه ھو.
شھيد بابا بينظير ڀٽو کي اسٽيبلشمينٽ سان ٺاھه کان روڪيو، ان تان اختلاف ٿيا
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ شھيد بابا مرتضيٰ ڀٽو وچ ۾ اختلاف تڏھن شروع ٿيا، جڏھن بينظير ڀٽو وزارت عظميٰ جو عھدو قبول ڪيو ۽ اسٽيبلشمينٽ سان سمجھوتو ڪيو.
ھن چيو ته منھنجي بابا بينظير ڀٽو کي چيو ته توھان وزارت عظميٰ جو عھدو قبول نه ڪيو، ھي توھان کي عھدو ڏيڻ لاءِ پاڻ ئي مجبور ٿي ويندا، پر بينظير ڀٽو ائين نه ڪيو.
ذوالفقار جونيئر وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي منھنجي بابا کي وطن اچڻ کان روڪيو ويو، شھيد بابا مرتضيٰ ڀٽو کي وطن واپس اچڻ کان روڪڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان گڏ پيپلزپارٽي جي قيادت به رنڊڪون وڌيون.
پھرين سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو نه ھو
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته پھرين منھنجو سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو نه ھو ۽ ان جو مون مختلف موقعن تي اظھار به ڪيو، پر جڏھن سنڌو درياھ تي ڪينالن جي اڏاوت وارو منصوبو سامھون آيو ته مان به سرگرم ٿي ويس.
ھن چيو ته اھو ھڪ احمقاڻو منصوبو ھو، جن به ماڻھن اھو تڪراري منصوبو جوڙيو ھو، اھي شايد سنڌو درياھ کان واقف نه آھن.
ذوالفقار جونيئر چيو ته سنڌ جي ماڻھن بي پناھ پيار ڏنو، مون کي خبر آھي ته عوام جي پيار جو مطلب ووٽ نه آھي، مون کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ آئي ته تبديلي آڻڻ لاءِ سياست ۾ اچڻ ضروري آھي، تنھن ڪري سياسي طور سرگرم ٿي ويس.
ھن چيو ته مان موروثي سياست جي سدائين خلاف رھيو آھيان، پر منھنجي خاندان جو نالو ڪرپشن، عوام جي تباھي ۽ ٻين مفادن لاءِ جنھن بري طرح استعمال ڪيو ويو، ان مون کي سياست ۾ اچڻ لاءِ مجبور ڪيو.
ھن چيو ته ايم آر ڊي ۽ ڪينالن خلاف ٻٻرلوءِ واري ھلچل ٻئي عوامي تحريڪون ھيون، ايم آر ڊي واري تحريڪ جي قيادت ڪجھه اڳواڻن به ڪئي پر مجموعي طور اھا عوام پاران ھلايل ھلچل ھئي.
ذوالفقار جونيئر چيو ته ڪينالن خلاف احتجاجي تحريڪ ۾ جيتوڻيڪ وڪيلن، قومپرست ۽ ٻين ڌرين جو اھم ڪردار ھو، پر اھا به ھڪ وڏي عوامي تحريڪ ھئي، جنھن ۾ سنڌ جا ماڻھو لکن جي تعداد ۾ شريڪ ھئا.
فاطمه ڀٽو منھنجي سياسي استاد آھي
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته منھنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو ننڍپڻ کان منھنجي سياسي استاد رھي آھي، اسان اسڪول ڏانھن گاڏيءَ ۾ وينداھئاسين تھ فاطمه ڀٽو مون کي فلسطين ۽ ڪيوبا جي عوامي تحريڪن ۽ انقلابن بابت ٻڌائيندي ھئي.
ھن چيو ته مون سنڌ ۾ ناياب نسل ٻلھڻ جي تحفظ لاءِ تنظيم قائم ڪري سموري سنڌ ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مختلف اين جي اوز سان گڏجي ڪم به ڪيو.
ذوالفقار جونيئر چيو ته سنڌ ۾ ڪينالن خلاف جاري تحريڪ دوران منھنجو فاطمه ڀٽو سان لاڳيتو رابطو رھيو ۽ ھن جي اجازت ۽ مشاورت سان ئي مون سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو.
ھن چيو ته فاطمه ڀٽو به جلد وطن واپسي ايندي ۽ منھنجا ھٿ مضبوط ڪندي، مناسب وقت اچڻ تي اسان پنھنجي نئين پارٽي جو اعلان ڪنداسين.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ذوالفقار جونيئر چيو ته ٻن ڳالھين تي مان ڪڏھن به سمجھوتو نه ٿو ڪري سگھان، ھڪ سنڌو درياھ جي پاڻي ۽ ٻيو صوبن جي خودمختياري واري معاملي تي.
پ پ شھيد ڀٽو اندر سڌارن خلاف مزاحمت ڏسڻ لاءِ ملي
ھڪ سوال جي جواب ۾ ذوالفقار جونيئر چيو ته مون پھرين ڪوشش ڪئي ته شھيد بابا مرتضيٰ ڀٽو جي جماعت پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو ۾ سڌارا آڻي ان کي ٻيھر فعال بڻايان، پر ان سلسلي ۾ پارٽي اندر مون کي مزاحمت جو منھن ڏسڻو پيو.
ھن چيو ته ھن وقت جڏھن مان نئين جماعت ٺاھڻ جو اعلان ڪيو آھي ته شھيد ڀٽو پارٽي مان وڌيڪ پريشر اچي رھيو آھي، ھن ٽھڪ ڏيندي چيو ته مان ان پريشر کي منھن ڏئي رھيو آھيان، ان جا في الحال تفصيل نه ٻڌائيندس.
ذوالفقار جونيئر چيو ته پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو اندر سڌارن خلاف ٿيندڙ مزاحمت بابت مون فاطمه ڀٽو کي آگاھ ڪيو ۽ اسان پنھنجي ڌار سياسي جماعت آڻڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
شادي بابت ڊبليو ٽي اين جو سوال ۽ ذوالفقار جونيئر جا ٽھڪ
ڊبليو ٽي اين نيوز پاران جڏھن ذوالفقار جونيئر کان اھو سوال ڪيو ويو ته توھان شادي ڪڏھن ڪندئو؟ ته ان جي جواب ۾ ذوالفقار جونيئر وڏا وڏا ٽھڪ ڏنا، ھن شرمائيندي چيو ته جڏھن بھ شادي ڪندس ته توھان کي دعوت ضرور ڏيندس.
ذوالفقار جونيئر چيو ته منھنجي ڀيڻ فاطمه پارٽيون ڪرڻ جي حامي نه آھي، پر اسان شاديءَ تي وڏي پارٽي ڪنداسين ۽ سڀني کي دعوت ڏينداسين، اسان وليمي جي پارٽي به ڪنداسين.