لائیو وفاقي وزير محسن نقوي سان بئڪ ڊور رابطا، پي ٽي آءِ  ڪھڙيون ڳالھيون لڪائي رھي آھي؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر انڪشاف ڪيو آهي ته پارٽي جا وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان بئڪ ڊور چينلز ذريعي رابطا برقرار آهن، جڏهن ته هن انهن رابطن جا تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته حڪومت سان پي ٽي آءِ جا رابطا جاري رهندا آهن ۽ ان ڳالهه کي ڪڏهن به لڪايو ناهي ويو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان هميشه ڳالهين کي ترجيح ڏني آهي ۽ ڳالهين لاءِ محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي اختيار ڏنو ويو آهي.

بئريسٽر گوهر موجب، هن وقت حڪومت سان باقاعده طور تي ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نٿيون هلن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري آڇ کي ڪمزوري سمجهيو ويو.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 27 سيپٽمبر تي ٿيندڙ احتجاج ملتوي ڪرڻ بابت ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي. هن واضح ڪيو ته احتجاج جي اڳواڻي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪندو.

هن چيو ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ لاءِ حڪومت سان ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. 27 سيپٽمبر جو احتجاج صرف پي ٽي آءِ جو فيصلو ناهي، پر سمورين لاڳاپيل سياسي پارٽين جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي.

بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته 27 سيپٽمبر واري احتجاج ۾ سموريون سياسي جماعتون شرڪت ڪنديون ۽ احتجاج ذريعي دنيا کي ٻڌايو ويندو ته هو پرامن ماڻهو آهن.

بئريسٽر گوهر ٻڌايو ته وزيراعظم جو خط پي ٽي آءِ کي ملي ويو آهي ۽ اها سٺي ڳالهه آهي ته وزيراعظم خط لکيو. هن چيو ته اپوزيشن ليڊر طرفان خط بابت ڪوآرڊينيشن ڪئي پئي وڃي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات بابت ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته عدالتي حڪمن باوجود لڳ ڀڳ 10 مهينن کان پي ٽي آءِ قيادت کي پارٽي باني سان ملاقات جي اجازت ناهي ملي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايتن تي مڪمل طور عمل ڪيو پيو وڃي ۽ پارٽي پنهنجي سياسي حڪمت عملي تحت اڳتي وڌندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں