ايلون مسڪ ۽ سندس ڌيءَ ويوين ولسن جي لاڳاپن بابت نوان دعوائون سامهون اچي ويون آهن، جتي مسڪ جي اڳوڻي گهرواري جسٽين مسڪ دعويٰ ڪئي آهي ته ڌيءَ جي ٽرانس جينڊر سڃاڻپ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ايلون مسڪ سندس صحت واري انشورنس ختم ڪري ڇڏي هئي.
ايلڪس گبني جي نئين ڊاڪيومينٽري ”مسڪ“ ۾ جسٽين مسڪ ايلون مسڪ سان پنهنجي ازدواجي زندگي ۽ ٻارن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ٻنهي جي شادي 2000ع کان 2008ع تائين رهي ۽ کين 6 ٻار آهن.
جسٽين مسڪ موجب، ويوين جي ٽرانس جينڊر سڃاڻپ کانپوءِ ايلون مسڪ سندس صحت سان لاڳاپيل انشورنس ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته بعد ۾ ڌيءَ سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ به ڪا نمايان ڪوشش نه ڪئي.
جسٽين دعويٰ ڪئي ته ان باوجود ايلون مسڪ کيس چيو هو ته ويوين کي ٻڌائي ته هو هميشه ان سان محبت ڪندو رهندو.
ٻئي طرف ايلون مسڪ 2024ع ۾ نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر جارڊن پيٽرسن کي ڏنل انٽرويو ۾ ڌيءَ جي ٽرانس جينڊر هجڻ بابت سخت ردعمل ظاهر ڪيو هو.
مسڪ جو چوڻ هو ته کيس ويوين کي ننڍي عمر ۾ ٽرانس جينڊر سان لاڳاپيل طبي علاج جي اجازت ڏيڻ لاءِ گمراهه ڪيو ويو، جڏهن ته هن اهو پڻ چيو هو ته ڌيءَ جي فيصلي کانپوءِ کيس محسوس ٿيو ته هن پنهنجو پٽ وڃائي ڇڏيو آهي.
ايلون مسڪ جي انهن بيانن تي ويوين ولسن اين بي سي نيوز سان ڳالهائيندي چيو هو ته ننڍپڻ دوران سندس والد سان ويجهو تعلق نه هو ۽ مسڪ سندس ننڍپڻ ۾ تمام گهٽ وقت ساڻس گڏ گذاريو.
ويوين موجب، هن اٺين جماعت ۾ پنهنجي جنسي سڃاڻپ بابت والد کي آگاهه ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته طبي علاج ۾ بلوغت روڪيندڙ دوائون ۽ هارمون ٿراپي شامل هئي، جڏهن ته سندس والد ان علاج جي ممڪن اثرن کان واقف هو.
جسٽين مسڪ ڊاڪيومينٽري ۾ پنهنجي ازدواجي زندگي بابت وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته ايلون مسڪ کيس اڪثر گهٽتر محسوس ڪرائيندو هو.
هن دعويٰ ڪئي ته شادي دوران مسڪ مسلسل سندس خامين جي نشاندهي ڪندو هو، جنهن سبب هوءَ پاڻ کي غير اهم محسوس ڪرڻ لڳي هئي.
جسٽين موجب، ”گيس لائٽنگ“ جي اصطلاح کان به هوءَ ايلون مسڪ سان پنهنجي ازدواجي زندگي دوران ئي واقف ٿي هئي.