لائیو ماءُ بڻجڻ جون خبرون بي بنياد قرار، جينيـفر ونگٽ وضاحت ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ممبئي (شوبز ڊيسڪ): ڀارتي اداڪارا جينيـفر ونگٽ شادي کانپوءِ ماءُ بڻجڻ بابت گردش ڪندڙ خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته شادي جو مطلب اهو ناهي ته هوءَ پنهنجو ڪيريئر روڪي ڇڏي، جڏهن ته اداڪاري ۽ ڪم بابت سندس انداز ۾ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي.

جينيـفر ونگٽ تازو ئي وليم اشماعيل سان ٻي شادي ڪئي آهي. پنهنجي ايندڙ او ٽي ٽي سيريز ”شڪ: ٽرسٽ نو ون“ جي ٽريلر لانچ دوران اداڪارا کان شادي کانپوءِ زندگي ۽ ترجيحن ۾ ايندڙ تبديلين بابت سوال ڪيو ويو.

اداڪارا جواب ڏيندي چيو ته سندس ترجيحن ۾ معمولي تبديلي ضرور آئي آهي، پر اداڪاري ۽ ڪم ڪرڻ جو سندس طريقو اڳ وانگر ئي آهي.

هن چيو ته سندس شادي هاڻي ئي ٿي آهي، جڏهن ته باقي زندگي گهڻي حد تائين اڳ وانگر ئي جاري آهي.

جينيـفر ونگٽ ماءُ بڻجڻ بابت گردش ڪندڙ خبرن کي رد ڪندي واضح ڪيو ته شادي کانپوءِ سندس ڪيريئر ختم ڪرڻ يا روڪڻ جو ڪو ارادو ناهي.

هن چيو ته هوءَ زندگي ۾ توازن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿي ۽ پنهنجي ڪم واري ماحول سان گڏ ساڻس ڪم ڪندڙ ماڻهن جو پڻ خاص خيال رکي ٿي.

جينيـفر ونگٽ جي ايندڙ او ٽي ٽي سيريز ”شڪ: ٽرسٽ نو ون“ رنسل ڊي سلوا ۽ سدھارتھ پي ملہوترا پاران تيار ڪئي وئي آهي.

سيريز ۾ پرينيتي چوپڙا، تحسين راج ڀاسين، سوني رازدان، انوپ سوني، هرلين سيٺي، ڌروو چوڌري ۽ سمر وياس پڻ اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا.

”شڪ: ٽرسٽ نو ون“ 24 سيپٽمبر 2026ع تي نيٽ فلڪس تي رليز ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں