ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ رينجرز جي سنڌ ۾ مقرري ۽ اختيارن ۾ وڌيڪ هڪ سال واڌ سميت ڪيترائي اهم ٺهراءَ ۽ بل متفقه طور منظور ڪيا ويا، جڏهن ته صوبائي معاملن بابت ميمبرن پاران وفاق ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي پڻ سخت خدشا ظاهر ڪيا ويا.
اجلاس دوران گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آئين جي آرٽيڪل 147 تحت سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري ۾ هڪ سال واڌ وارو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي متفقه طور منظور ڪيو ويو.
منظور ڪيل ٺهراءَ موجب سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري 20 جولاءِ 2026ع کان 19 جولاءِ 2027ع تائين وڌائي وئي آهي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي رينجرز جي موجودگي ضروري آهي. ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي کي رينجرز جي ڪاررواين جو نتيجو قرار ڏنو ويو.
ٺهراءَ موجب پابندي مڙهيل تنظيمن جون سرگرميون ۽ فرار جوابدار اڃا تائين امن امان لاءِ خطرو آهن، جڏهن ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ رينجرز جي موجودگي ضروري آهي.
قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته رينجرز پوليس سان گڏ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
اجلاس دوران صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ کي رڳو بجلي جو نه، پر گيس، پيئڻ جي پاڻي ۽ زرعي پاڻي جو به مسئلو درپيش آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي جا وسيلا به ٻين علائقن کان سنڌ ڏانهن اچن ٿا.
هن چيو ته سنڌ سان پاڻي، گيس ۽ بجلي جي معاملن ۾ مسئلا موجود آهن، جڏهن ته موٽروي جي معاملي تي به وفاق سنڌ سان ناانصافي ڪري رهيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پارلياماني ڪميٽي ۾ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين کي طلب ڪيو ويو، پر ان باوجود ڪو خاص نتيجو سامهون نه آيو.
هن اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسپيڪر وٽ خاص اختيار آهن، تنهن ڪري سمورن لاڳاپيل اختيارين کي ايوان ۾ گهرايو وڃي ۽ جيڪڏهن اهي قانون موجب ڪم نه ٿا ڪن ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
هن مطالبو ڪيو ته 23 سيپٽمبر تي حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي اوز کي سنڌ اسيمبلي ۾ طلب ڪيو وڃي.
اجلاس دوران فوزيه حميد گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ تيز بيم لائيٽن جو معاملو اٿاريو. هن چيو ته گاڏين ۾ لڳل ايل اي ڊي ۽ تيز بيم لائيٽن سبب روڊ حادثن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار فوزيه حميد جي خدشن کي تسليم ڪندي چيو ته سڄي سنڌ جي شاهراهن تي بيم لائيٽن جو استعمال ٿي رهيو آهي.
هن اعلان ڪيو ته پوري سنڌ ۾ غيرضروري ۽ تيز بيم لائيٽن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ عامر صديقي ڪراچي ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي وڌندڙ واقعن بابت تحريڪ التوا پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته شهر ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جڏهن ته انتظاميا پاران مناسب جواب نه ڏنو پيو وڃي.
عامر صديقي معاملي کي انتهائي سنجيده قرار ڏيندي ان جي مستقل حل جو مطالبو ڪيو.
بعد ۾ گهرو وزير جي خاطري ڪرائڻ تي تحريڪ التوا پيش نه ڪئي وئي.
سنڌ اسيمبلي ڪراچي ۾ فاطميه يونيورسٽي جي قيام جو بل پڻ متفقه طور منظور ڪري ورتو.
صوبائي وزير قانون ضياءَ الحسن لنجار بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن تي ايوان پاران منظوري ڏني وئي.
سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ پڻ متفقه طور منظور ڪيو ويو.
ايوان ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ملڪ لاءِ خدمتن ۽ جدوجهد کي ساراهيو ويو.
اجلاس دوران مختلف ميمبرن پاران امن امان، بجلي، پاڻي، گيس، روڊن ۽ عوامي مسئلن بابت سوال ۽ خدشا پڻ سامهون آيا. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ رينجرز جي مقرري ۾ واڌ، فاطميه يونيورسٽي جي قيام ۽ قائداعظم کي ڀيٽا سميت اهم معاملن تي ايوان پاران متفقه فيصلا ڪيا ويا.