اسلام آباد (بيورو رپورٽ): واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) ملڪ جي اهم دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال جا تفصيلي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب تربيلا، منگلا ۽ چشما ريزروائرز ۾ مجموعي طور هڪ ڪروڙ 12 لک 5 هزار ايڪڙ فوٽ استعمال جوڳو پاڻي موجود آهي.
واپڊا ترجمان موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 1 لک 16 هزار 300 ڪيوسڪ، جڏهن ته اخراج 1 لک 54 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1546.42 فوٽ آهي، جڏهن ته پاڻي جو مجموعي ذخيرو 53 لک 74 هزار ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.
جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ اخراج 30 هزار ڪيوسڪ آهي.
واپڊا موجب منگلا ۾ پاڻي جي سطح 1221.15 فوٽ، جڏهن ته پاڻي جو ذخيرو 56 لک 67 هزار ايڪڙ فوٽ آهي.
چشما بئراج ۾ پاڻي جي آمد 1 لک 81 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ اخراج 1 لک 65 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
چشما ريزروائر ۾ پاڻي جي سطح 645.70 فوٽ آهي، جڏهن ته پاڻي جو ذخيرو 1 لک 64 هزار ايڪڙ فوٽ ٻڌايو ويو آهي.
واپڊا جي انگن اکرن موجب چناب درياهه ۾ هيڊ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 41 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ اخراج 14 هزار 700 ڪيوسڪ آهي.
جڏهن ته ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ اخراج 17 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
واپڊا موجب تربيلا، منگلا ۽ چشما ۾ موجود هڪ ڪروڙ 12 لک 5 هزار ايڪڙ فوٽ قابلِ استعمال پاڻي ملڪ جي آبپاشي ۽ پاڻي جي ضرورتن لاءِ اهم ذخيرو آهي.