ڪراچي (بيورو رپورٽ) جوڊيشل مجسٽريٽ ملير جي عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر کي تشدد ڪرڻ بعد فون تي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پير ڪونين شاهه کي آزاد ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي کيس ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پير ڪونين شاهه بيگناهه آهي ۽ هن ڪنهن کي به فون تي ڌمڪيون ناهن ڏنيون. وڪيل موجب جوابدار فريادي پروفيسر تي تشدد بابت مک ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن کانپوءِ کيس ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
وڪيل عدالت کي گذارش ڪئي ته پوليس جي جسماني ريمانڊ واري درخواست رد ڪري جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
عدالت جوابدار کي ڪيس مان آزاد ڪرڻ واري درخواست کي وقت کان اڳ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ڪيس جي جاچ اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته جوابدار ايف آءِ آر ۾ سڌي ريت نامزد آهي.
عدالت موجب ڏوهه ۾ استعمال ٿيل موبائل فون، ڪال ڊيٽا رڪارڊ (سي ڊي آر) ۽ جوابدار جي سڃاڻپ بابت فرانزڪ جاچ اڃا مڪمل ٿيڻ باقي آهي.
عدالت چيو ته جسماني ريمانڊ معمول جي ڪارروائي ناهي، جوابدار جي آزادي ۽ اثرائتي پوليس جاچ جي گهرجن ۾ توازن رکڻ ضروري آهي.
پوليس جوابدار جو 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ طلب ڪيو هو، تنهن هوندي عدالت پير ڪونين شاهه کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته حراست دوران جوابدار سان ڪنهن به قسم جو تشدد يا غيرقانوني ورتاءُ نه ڪيو وڃي.
عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جوابدار جو طبي معائنو پڻ ڪرايو وڃي.