نون انتظامي يونٽن جو فيصلو ڪنهن پارٽي يا فرد جي مرضي سان نه، عوام جي خواهش موجب ٿيڻ گهرجي: محسن نقوي

فہرستِ مضامین

لاهور(ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ملڪ جي موجوده نظام جو ٻيهر جائزو وٺڻ ۽ ان کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته 79 سالن دوران ڪيترائي منصوبا ۽ پاليسيون ٺهڻ باوجود عوام کي گهربل نتيجا نه ملي سگهيا آهن.

لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته اسان سڀني کي مڃڻو پوندو ته نظام کي ري سيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر نظام ري سيٽ ڪرڻ جو مقصد ڪنهن حڪومت يا سياسي جماعت کي ختم ڪرڻ نه، پر نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪري ان کي بهتر بڻائڻ آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته نظام کي ري سيٽ ڪرڻ واري ڳالهه کي مختلف انداز ۾ سمجهيو ويو، ڪجهه ماڻهن ان کي موجوده حڪومت يا سياسي بندوبست سان ڳنڍيو، جڏهن ته سندس چوڻ هو ته اها ڳالهه ڪنهن هڪ حڪومت يا سياسي جماعت خلاف نه هئي.

ھن چيو تہ ملڪ کي پنهنجي نظام جو جائزو وٺڻو پوندو، ڇو ته 79 سالن ۾ ڪيترائي منصوبا ٺاهيا ويا، پر انهن جو گهربل فائدو عام ماڻهو تائين نه پهچي سگهيو.

محسن نقوي چيو ته هر شهري کي تعليم، صحت، صاف پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون ملڻ گهرجن ۽ نظام ۾ بهتري سان گڏ عوام تائين سهولتن جي بهتر فراهمي تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ به اهڙا ٻار موجود آهن، جيڪي پنجين جماعت تائين پهچڻ باوجود عام جملا پڙهڻ جي قابل ناهن، جڏهن ته لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.

وفاقي گهرو وزير چيو ته نظام ۾ تبديلي آئين ۽ قانون جي دائري اندر ۽ سياسي اتفاقِ راءِ سان ٿيڻ گهرجي. نون انتظامي يونٽن جو فيصلو ڪنهن هڪ سياسي جماعت يا فرد جي مرضي سان نه ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن عوام نوان انتظامي يونٽ چاهي ٿي ته اهي ضرور ٺاهيا وڃن ۽ جيڪڏهن عوام ان جي حمايت نٿي ڪري ته اهڙا يونٽ نه ٺاهيا وڃن. هن زور ڏنو ته نون انتظامي يونٽن بابت عوام جي راءِ کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي.

محسن نقوي چيو ته اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ بابت موجود خدشا ختم ڪرڻا پوندا، جڏهن ته آئين جي دائري ۾ رهندي اختيار مقامي سطح تائين منتقل ڪري سگهجن ٿا.

هن واضح ڪيو ته انتظامي ڍانچي ۽ حدن جي نئين سر جوڙجڪ جي ضرورت تي هو پنهنجي موقف کان پوئتي نه هٽندو، پر اهڙي ڪنهن به تبديلي لاءِ آئيني ۽ قانوني طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو.

وفاقي گهرو وزير چيو ته نوجوان يونيورسٽين مان تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ روزگار ۽ موقعن بابت سوال ڪن ٿا، تنهن ڪري کين ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ۽ پنهنجي علائقن ۾ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.

هن عدالتن ۾ لکين التوا هيٺ ڪيسن، صاف پاڻي جي کوٽ ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ موجود مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته اهي مسئلا ڪنهن هڪ حڪومت جا نه، پر ڪيترن ئي ڏهاڪن جي نظام جو نتيجو آهن.

محسن نقوي جو چوڻ هو ته ملڪ جي نظام کي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهندي بهتر بڻائڻو پوندو، ڇو ته مقصد حڪومت يا سياسي جماعت تبديل ڪرڻ نه، پر عوام کي بهتر نظام ۽ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں