تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ايران جي صدر مسعود پزشڪيان الزام لڳايو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ ۽ پابندين ذريعي ايران ۾ ورهاست پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر ايراني قوم قومي اتحاد، همدردي ۽ يڪجهتي سان دشمنن جي انهن منصوبن کي ناڪام بڻائي سگهي ٿي.
ايراني خابرو اداري موجب، صدر مسعود پزشڪيان ملڪ کي درپيش موجوده صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته دشمنن جي منصوبن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قومي اتحاد ۽ هڪ ٻئي سان يڪجهتي برقرار رکڻ انتهائي ضروري آهي.
مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ، گهيري ۽ پابندين ذريعي ايران اندر اختلاف ۽ ورهاست پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته دشمنن جي اهڙن منصوبن جو مقصد ملڪ کي اندروني طور ڪمزور ڪرڻ آهي، پر ايراني قوم پنهنجي اتحاد ۽ قومي يڪجهتي ذريعي انهن ڪوششن کي ناڪام بڻائي سگهي ٿي.
ايراني صدر موجوده صورتحال ۾ قومي اتحاد کي خاص اهميت ڏيندي چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام ۽ رياستي ادارن وچ ۾ اتحاد برقرار رکڻ ضروري آهي.
سندس مطابق، جيڪڏهن عوام ۽ رياستي ادارا گڏجي ڪم ڪن ۽ قومي يڪجهتي برقرار رکن ته دشمنن جا مقصد حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو.
پزشڪيان زور ڏنو ته موجوده حالتن ۾ ايراني عوام ۽ رياستي ادارن وچ ۾ اعتماد ۽ اتحاد برقرار رکڻ دشمنن جي عزمن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اهم آهي.
هن چيو ته ملڪ کي درپيش خطرن ۽ دٻاءَ جو مقابلو صرف حڪومتي سطح تي نه، پر قومي اتحاد ۽ گڏيل هم آهنگي ذريعي ئي مؤثر نموني ڪري سگهجي ٿو.
ايراني صدر چيو ته ملڪ خلاف ٿيندڙ منصوبن کي قومي اتحاد ۽ باهمي يڪجهتي سان منهن ڏنو ويندو.
سندس بيان هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ علائقائي صورتحال سبب وچ اوڀر ۾ سياسي ۽ سلامتيءَ بابت خدشا برقرار آهن.
پزشڪيان جو موقف آهي ته قومي اتحاد ئي ايران خلاف دٻاءَ ۽ دشمنن جي منصوبن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اهم طاقت آهي.