پنجاب ۾ ڏوهن خلاف اي آءِ جو استعمال، ڇا صوبي ۾ ڏوهن ۾ واقعي 70 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي آهي؟

فہرستِ مضامین

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مصنوعي ذهانت (AI) جي استعمال ڏانهن اهم قدم کنيو ويو آهي. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنجاب جي آرٽيفيشل انٽيليجنس سينٽر جو افتتاح ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته صوبي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته پنجاب جا سمورا ادارا هڪ يونٽ طور گڏجي ڪم ڪن ٿا، جيڪو حڪومت جي وڏي طاقت آهي.

مريم نواز پنجاب جي آرٽيفيشل انٽيليجنس سينٽر جو افتتاح ڪيو، جتي هن امن امان، پوليسنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ڳالهائيندي چيو ته حڪومت قانون جي بالادستي ۽ هر طبقي لاءِ قانون جي پاسداري يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته قانون ٻين تي لاڳو ٿيندو ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ٿيندي آهي، پر جڏهن قانون تي پاڻ عمل ڪرڻو پوي ٿو ته اهو ڪڏهن ڪڏهن ڏکيو محسوس ٿيندو آهي.

وزيراعليٰ پنجاب موجب صوبي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

هن چيو ته پنجاب جي ادارن جو هڪ يونٽ وانگر گڏجي ڪم ڪرڻ صوبي جي وڏي طاقت آهي، جڏهن ته امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت پاران وڏي پئماني تي وسيلا خرچ ڪيا ويا آهن.

مريم نواز جو چوڻ هو ته هن وقت سڀني جون نظرون پنجاب تي آهن، تنهن ڪري صوبي ۾ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا.

مريم نواز موٽرسائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ جي پابندي جو ذڪر ڪندي چيو ته ماڻهن کي هيلمٽ استعمال ڪرڻ جو عادي بڻائڻ آسان نه هو.

هن چيو ته موٽرسائيڪل سوارن سان روڊ حادثا پيش اچڻ تي کيس ڏک ٿيندو آهي، پر عوام جي حفاظت لاءِ ڪجهه فيصلا سختي سان ڪرائڻ ضروري آهن.

وزيراعليٰ پنجاب چيو ته ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي کيس تنقيد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن رڳو تنقيد کان بچڻ مقصد هجي ها ته هوءَ به خاموش ويهي رهي سگهي ٿي، پر حڪومت جي ذميواري آهي ته عوام کي محفوظ ماحول فراهم ڪري.

مريم نواز ٻارن سان هراسان ڪرڻ جي واقعن تي به سخت افسوس جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته ٻارن سان اهڙا واقعا انتهائي ڏکوئيندڙ آهن ۽ اهڙيون خبرون ڏسي انسانيت تان اعتماد ختم ٿيڻ لڳي ٿو.

سندس چوڻ هو ته محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي، پر حڪومت ڏکين فيصلن لاءِ پاڻ کي خطري ۾ وجهي ڪم ڪيو آهي.

وزيراعليٰ پنجاب موجب صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت پاران اربين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت وڌائڻ سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي کي به استعمال ۾ آندو پيو وڃي، ته جيئن ڏوهن جي روڪٿام ۽ امن امان کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.

مريم نواز ٻڌايو ته دهشتگردن وٽ نائيٽ وژن ڪيمرا موجود هئا، جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پنهنجي پوليس کي به نائيٽ وژن ڪيمرا فراهم ڪيا آهن.

هن چيو ته صوبائي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ مختلف چيڪ پوسٽون پڻ قائم ڪيون ويون آهن.

وزيراعليٰ پنجاب ماضي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪچي جي علائقن مان اڳ ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهن جا ڪيس رپورٽ ٿيندا هئا.

سندس دعويٰ موجب، هاڻي ڪچي جو علائقو ڪرائيم فري آهي ۽ اتي رياست جي رٽ قائم ٿي چڪي آهي.

مريم نواز جو چوڻ هو ته امن امان جي بهتري لاءِ ادارن جي گڏيل ڪارڪردگي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڏکين فيصلن جو اهم ڪردار آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں