نصيرآباد (ويب ڊيسڪ): نصيرآباد جي ابڙُو ڪالوني ۾ هڪ ھانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو، جتي گهر ۾ اي سي جو ڪمپريسر اوچتو ڦاٽڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 معصوم ٻار ۽ سندن ماءُ فوت ٿي ويا، جڏهن ته گهر جو سربراهه شاهِد علي به سخت زخمي ٿي پيو.
تفصيل موجب ابڙُو ڪالوني جي رهواسي شاهِد علي ابڙُو جي گهر ۾ اوچتو اي سي جو ڪمپريسر زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب گهر ۾ موجود خاندان جا ڪيترائي ڀاتي زخمي ٿي پيا.
حادثي ۾ شاهِد علي جو 2 ورهين جو پٽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته شاهِد علي، سندس گهرواري، هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سخت زخمي ٿي پيا.
حادثي کانپوءِ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي ٽن ڏينهن تائين زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ رهڻ کانپوءِ شاهِد علي جي گهرواري، پٽ ۽ ڌيءَ به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.
هڪ ئي خاندان مان ماءُ ۽ ٻن ٻارن جون ميتون کڄڻ سبب سڄي گهر ۾ ماتم ڇانئجي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ به ڏک جي لهر پکڙجي وئي.
شاهِد علي جي ڀاءُ موجب، شاهِد علي پوليس کاتي ۾ ڪلاس فور جو ملازم آهي ۽ وڏي محنت سان پنهنجي خاندان جو گذر سفر ڪندو هو.
هن چيو ته ڪنهن کي به اندازو نه هو ته گهر ۾ لڳل اي سي جو ڪمپريسر ئي خاندان لاءِ اهڙي وڏي سانحي جو سبب بڻجي ويندو.
حادثي ۾ شاهِد علي پاڻ به سخت زخمي آهي ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ، زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
واقعو اي سي ۽ گيس ڪمپريسرن جي استعمال دوران حفاظتي احتياطن بابت به اهم سوال اٿاري ٿو، جڏهن ته حادثي جا وڌيڪ سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ پڻ ضروري بڻجي وئي آهي.