وچ اوڀر جي سيڪيورٽي لاءِ چين جو نئون فارمولو، ايران پاران مڪمل حمايت جو اعلان

فہرستِ مضامین

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ): وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻاهرين طاقتن جي اثر رسوخ بابت بحث هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو آهي، ايران خطي ۾ گڏيل سيڪيورٽي لاءِ چين جي تجويز جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالیباف جو چوڻ آهي ته علائقائي ملڪن کي پنهنجي مستقبل ۽ سيڪيورٽي بابت فيصلا پاڻ ڪرڻ گهرجن.

محمد باقر قالیباف پنهنجي بيان ۾ چيو ته چين پاران خطي ۾ گڏيل سيڪيورٽي اختيار ڪرڻ تي زور ڏيڻ، ان اصول سان ھڪجھڙائي رکي ٿو، جنهن جي ايران ڊگهي عرصي کان وڪالت ڪندو رهيو آهي.

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته حقيقي ۽ پائيدار استحڪام ان وقت ئي ممڪن آهي، جڏهن وچ اوڀر لاءِ اهڙو نئون سيڪيورٽي ڍانچو قائم ڪيو وڃي، جيڪو خود خطي جي ملڪن جي تعاون سان وجود ۾ اچي.

هن چيو ته ايران اهڙي سيڪيورٽي نظام جي قيام لاءِ تيار آهي ۽ علائقائي ملڪن کي پنهنجي مستقبل بابت فيصلا پاڻ ڪرڻ گهرجن.

قالیباف موجب تهران هميشه خطي جي ملڪن تي زور ڏيندو رهيو آهي ته هو وچ اوڀر کان ٻاهر موجود طاقتن تي پنهنجو انحصار گهٽ ڪن ۽ باہمي تعاون ذريعي علائقائي سيڪيورٽي جو نظام قائم ڪن.

چين جي صدر شي جن پنگ پڻ وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي لاءِ نئون ڍانچو قائم ڪرڻ تي زور ڏئي چڪو آهي.

مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٿيل ملاقات دوران شي جن پنگ وچ اوڀر ۾ اهڙي سيڪيورٽي قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جيڪا گڏيل، جامع، تعاون تي ٻڌل ۽ ڊگهي مدي واري هجي.

چيني صدر جي تجويز کي خطي ۾ سيڪيورٽي بابت موجود روايتي انداز کان مختلف تصور طور ڏٺو پيو وڃي، جنهن ۾ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ ڳالهين ذريعي استحڪام پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

ايران طرفان چين جي تجويز جي کليل حمايت مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي ملڪن جو وچ اوڀر جي سيڪيورٽي بابت موقف ڪيترن ئي معاملن ۾ هڪجهڙو آهي. تهران ڊگهي عرصي کان خطي جي مسئلن ۾ ٻاهرين طاقتن جي ڪردار کي گهٽائڻ ۽ علائقائي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندو رهيو آهي.

ايران جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ مستقل امن ۽ استحڪام لاءِ علائقائي ملڪن کي گڏجي اهڙو سيڪيورٽي نظام جوڙڻو پوندو، جنهن ۾ خطي جي ملڪن جو اهم ڪردار هجي.

چين جي نئين تجويز ۽ ايران جي حمايت اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي، علائقائي ڇڪتاڻ ۽ عالمي طاقتن جي ڪردار بابت بحث جاري آهي.

ايران جو موقف آهي ته خطي جي مستقبل جي سيڪيورٽي جو بنياد علائقائي تعاون، گڏيل ذميواري ۽ باهمي اعتماد تي رکڻ گهرجي، جڏهن ته چين پڻ گڏيل ۽ پائيدار سيڪيورٽي ڍانچي جي قيام تي زور ڏئي رهيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ چين ۽ ايران جي موقف کي وچ اوڀر ۾ علائقائي ملڪن جي اڳواڻي ۾ نئين سيڪيورٽي نظام بابت وڌندڙ بحث جي اهم ڪڙي طور ڏٺو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں