اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي 16 آفيسرن وٽ پرڏيهي شهريت يا گرين ڪارڊ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي پرڏيهي شهريت يا مستقل رهائش بابت تفصيل ظاهر ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
دستاويز موجب ايف بي آر جي 16 آفيسرن ۾ ان لينڊ روينيو سروس جا 10 ۽ ڪسٽمز سروس جا 6 آفيسر شامل آهن.
دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گريڊ 20 جي 10 آفيسرن وٽ ٻٽي شهريت يا گرين ڪارڊ موجود آهن، جڏهن ته گريڊ 19 جا 5 آفيسر پڻ ٻٽي شهريت رکن ٿا.
دستاويز موجب سمورن سرڪاري آفيسرن کي پرڏيهي شهريت يا مستقل رهائش بابت معلومات ظاهر ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي.
آفيسرن کي 8 جولاءِ تائين ٻٽي شهريت بابت تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پر مقرر وقت گذرڻ باوجود ڪيترن ئي آفيسرن طرفان ڊڪليئريشن جمع نه ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
دستاويز موجب پرڏيهي شهريت، گرين ڪارڊ يا مستقل رهائش بابت تفصيل ظاهر ڪرڻ لازمي آهي.
اختيارين موجب غلط معلومات فراهم ڪرڻ يا گهربل ڊڪليئريشن جمع نه ڪرائڻ کي مس ڪنڊڪٽ تصور ڪيو ويندو، جنهن تي لاڳاپيل ضابطن تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
دستاويز سامهون اچڻ کانپوءِ ايف بي آر جي آفيسرن جي ٻٽي شهريت ۽ مستقل رهائش بابت تفصيل ظاهر ڪرڻ جي معاملي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.