ايران جي بحرين ۽ يو اي اِي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملن جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته بحرين ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي ڊرون حملا ڪيا ويا آهن. ايراني فوج موجب حملن دوران آمريڪي فوج جا ريڊار سسٽم نشانو بڻايا ويا.

ايراني فوج پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته ”آپريشن ٿنڊر بولٽ“ جي 30هين مرحلي دوران گڏيل عرب امارات ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن الظفره ۽ المنهاد تي ڊرون حملا ڪيا ويا.

ايراني فوج موجب انهن حملن ۾ ٻنهي فوجي اڏن تي موجود آمريڪي فوج جي ريڊار سسٽمن کي نشانو بڻايو ويو.

ايراني فوج وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته بحرين ۾ پڻ آمريڪي فوجي اڏن کي ڊرون حملن جو نشانو بڻايو ويو.

ايران جي فوج موجب بحرين جي شيخ عيسيٰ ايئربيس تي موجود آمريڪي فوج جي ريڊار سسٽم کي پڻ ڊرون ذريعي نشانو بڻايو ويو.

ايراني فوج پنهنجي بيان ۾ انهن حملن کي ”آپريشن ٿنڊر بولٽ“ جو حصو قرار ڏنو آهي.

هي دعوائون اهڙي وقت سامهون آيون آهن، جڏهن خطي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب خليجي ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي تنصيبات بابت سيڪيورٽي خدشا وڌي رهيا آهن.

ايران پاران ڪيل دعوائن جي آزاد ذريعن کان فوري طور تي تصديق سامهون ناهي آئي، جڏهن ته حملي ۾ ٿيل نقصان يا جاني نقصان بابت پڻ وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں