سنڌو ديش جو نعرو غداري ناھي پر سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاھڻ غداري آھي: خالد مقبول صديقي

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان ۾ آبادي ۽ انتظامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نوان صوبا قائم ڪرڻ ضروري آهن، پر اهي لساني بنيادن بدران انتظامي بنيادن تي ٺهڻ گهرجن.

ڊيلاس ۾ ”اسٽينڊ وِد پاڪستان“ جي تقريب کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ضلعن ۽ ڊويزنن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو ته پوءِ صوبن جو انگ ڇو نٿو وڌائي سگهجي؟

خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ ۾ ”سنڌو ديش“ جو نعرو لڳائڻ کي غداري نٿو چيو وڃي، پر سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه کي غداري قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪو مناسب رويو ناهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ نون صوبن بابت بحث کي لساني اختلاف بدران انتظامي ضرورتن جي بنياد تي ڏسڻ گهرجي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪراچي قومي ۽ صوبائي معيشت ۾ سڀ کان وڏو حصو ڏئي ٿو، پر ڪراچي جي وسيلن تي ڪراچي جو اختيار نه هجڻ برابر آهي.

هن آدمشماري جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪراچي سان ناانصافي ڪئي وئي آهي.

خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ ۾ هڪ طبقو بجيٽ ٺاهيندو آهي، جڏهن ته ٻيو طبقو ان کي خرچ ڪندو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو اصل مسئلو ٽريڊ ڊيفيسٽ کان وڌيڪ ”ٽرسٽ ڊيفيسٽ“ آهي.

وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) حڪومت کي بچائي سگهي ٿو، ملڪ کي نه، جڏهن ته 18هين ترميم اختيار وفاق کان صوبن تائين ته منتقل ڪيا، پر اهي اختيار عوام تائين نه پهچي سگهيا.

هن چيو ته پاڪستان طاقت جي بنياد تي نه، پر انصاف جي بنياد تي قائم رهي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں