سنڌ ۾ صحت ۽ عورتن جي معاشي بااختياري لاءِ نئون قدم، حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن وچ ۾ ڇا طئي ٿيو؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گيٽس فائونڊيشن جي جينڊر ايڪوئٽي بابت صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽيڪن، ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ جي خاتمي سميت عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ بابت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو.

ملاقات ۾ ”ٿرائيونگ فيوچرز فنڊ“ تحت سنڌ ۾ صحت ۽ سماجي شعبن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اهو فنڊ پاڪستان ۾ عورتن ۽ ٻارن جي صحت ۽ معاشي موقعن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايندڙ پنجن سالن دوران 100 ملين ڊالر متحرڪ ڪندو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت جو شعبو سنڌ حڪومت جي ترقياتي ترجيحن ۾ سڀ کان مٿانهون آهي ۽ حڪومت ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت ۽ حفاظتي ٽيڪن جي شعبن ۾ اهم سيڙپڪاري ڪئي آهي.

هن چيو ته ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ جو خاتمو حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، جڏهن ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت ۽ حفاظتي ٽيڪن لاءِ سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا پروگرام جاري آهن.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اهڙيون ڀائيواريون چاهي ٿي، جيڪي اڳ ئي جاري سرڪاري پروگرامن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻائين.

وڏي وزير موجب گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار سان سنڌ ۾ حفاظتي ٽيڪن جي ڪوريج بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم جاري آهن.

هن چيو ته ٿرائيونگ فيوچرز فنڊ سنڌ حڪومت جي موجوده صحت ۽ سماجي تحفظ وارن پروگرامن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته صحتمند مائرون، صحتمند ٻار ۽ عورتن لاءِ معاشي موقعا حڪومت جي بنيادي ترجيحن ۾ شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي، ان لاءِ عورتن کي روزگار، معاشي موقعن ۽ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي.

گيٽس فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي سنڌ حڪومت جي ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت کنيل قدمن کي ساراهيو.

هن چيو ته هر عورت ۽ هر ٻار کي ترقي ۽ خوشحالي جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن. ڊاڪٽر انيتا زيدي چيو ته فائونڊيشن موجوده نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.

هن ٻڌايو ته ”ٿرائيونگ فيوچرز فنڊ“ مقامي سطح تي ثبوتن تي ٻڌل ۽ اثرائتن قدمن جي مدد ڪندو.

ملاقات دوران ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، حفاظتي ٽيڪن ۽ عورتن جي معاشي موقعن لاءِ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

سنڌ حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن وچ ۾ تڪنيڪي سطح تي وڌيڪ مشاورت جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، ته جيئن موجوده پروگرامن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي عورتن ۽ ٻارن لاءِ بهتر صحت ۽ معاشي موقعا يقيني بڻائي سگهجن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں