ڪڻڪ چوري معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر جي برطرفي روڪي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪڻڪ چوري جي معاملي ۾ اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر ظهير حسين کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ خوراڪ کاتي جي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي آهي.

درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

درخواستگذار ظهير حسين جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت درخواستگذار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ يا موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ کانسواءِ نوڪري مان برطرف ڪيو، جيڪا قانوني طريقيڪار جي ابتڙ آهي.

وڪيل موجب حڪومت درخواستگذار کان 2 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي وصولي ۽ معاملو اينٽي ڪرپشن ڏانهن موڪلڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا آهن.

وڪيل عدالت کي گذارش ڪئي ته درخواستگذار خلاف شروع ڪيل ڪارروائي کي غيرقانوني قرار ڏئي روڪيو وڃي.

عدالت ابتدائي ٻڌڻي بعد سنڌ حڪومت ۽ خوراڪ کاتي جي ڪارروائي معطل ڪندي لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں