اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن سارا احمد چيو آهي ته هر ٻار لاءِ محفوظ ڊجيٽل ماحول بنيادي حق آهي، جڏهن ته ٻارن کي آن لائن خطرن کان بچائڻ لاءِ پاڪستان ۾ اثرائتي قانونسازي وقت جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي.
سارا احمد موجب، هڪ قرارداد ذريعي وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي ٻارن جي آن لائن تحفظ لاءِ مؤثر ريگيوليٽري ۽ نگراني جو نظام جوڙڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن، جن ۾ آسٽريليا، فرانس، چين ۽ آمريڪا جون مختلف رياستون شامل آهن، گهٽ عمر ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال بابت قانون ۽ عمر جون پابنديون متعارف ڪرائي چڪا آهن.
سارا احمد جو چوڻ هو ته عالمي رجحانن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ به ٻارن جي محفوظ ڊجيٽل مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ مؤثر قانونسازي ڪرڻ اڻٽر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٻارن جي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا استعمال دوران سندن تحفظ، نگراني ۽ آن لائن نقصانن کان بچاءَ لاءِ واضح قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ ضروري آهي.