اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وفاقي وزير منصوبابندي ۽ ترقي احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي هاڻي رڳو معاشي استحڪام تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر پائيدار اقتصادي ترقي، پيداوار ۾ واڌ، برآمدن جي فروغ، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ طرف اڳتي وڌڻو پوندو.
وزارت منصوبابندي ۽ ترقي ۾ هارورڊ بزنس اسڪول جي ايم بي اي شاگردن سان ملاقات دوران احسن اقبال چيو ته پاڪستان جو بنيادي معاشي چئلينج هاڻي صرف استحڪام نه، پر معيشت ۾ بنيادي ۽ پائيدار تبديلي آڻڻ آهي.
هن چيو ته پاڪستان کي رڳو مسئلن ۽ مشڪلاتن جي نظر سان نه، پر پنهنجي وسيع صلاحيتن ۽ امڪانن کي به نظر ۾ رکندي ڏسڻ گهرجي. ملڪ جي وڏي آبادي، نوجوان افرادي قوت، اهم جاگرافيائي حيثيت، زرعي ۽ معدني وسيلا، وڌندڙ ڊجيٽل معيشت ۽ دنيا ۾ موجود پاڪستاني برادري ڊگهي مدي واري معاشي تبديلي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا.
احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي معاشي تيزي، پرڏيهي کاتن تي دٻاءَ، استحڪام جي قدمن ۽ معاشي سست رفتاري جي بار بار ورجائجندڙ چڪر مان نڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ معيشت جي بنياد پيداوار ۽ برآمدن جي واڌ تي رکڻي پوندي.
وفاقي وزير شاگردن کي ”اُڏام پاڪستان“ جي جامع قومي لائحه عمل بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ان منصوبي ۾ برآمدن، ڪاروبار ۽ روزگار، ڊجيٽل پاڪستان ۽ ڊجيٽل معيشت، ماحوليات، موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ پاڻي جي تحفظ، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي سميت مساوات، اخلاقيات ۽ بااختيار بڻائڻ کي اهميت ڏني وئي آهي.
هن چيو ته پاڪستان 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻجڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، پر مقصد صرف مجموعي قومي پيداوار جو وڏو انگ حاصل ڪرڻ ناهي، بلڪه ملڪ جي پيداواري صلاحيت کي اهڙي سطح تي پهچائڻ آهي جو پاڪستان عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي جي بنياد تي اهڙيون شيون ۽ خدمتون وڪڻي سگهي، جيڪي هن وقت ملڪ ۾ پيدا نٿيون ٿين.
احسن اقبال موجب حقيقي ترقي قومي صلاحيتن جي تعمير جو نالو آهي، جڏهن ته پيداوار، معيار ۽ جدت مستقبل ۾ پاڪستان جي عالمي مقابلي واري صلاحيت جا بنيادي عنصر آهن.
وفاقي وزير انساني وسيلن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جا ماڻهو آهن. جيڪڏهن نوجوان آبادي کي معياري تعليم، بهتر خوراڪ، صحت، فني مهارتن ۽ روزگار جا موقعا فراهم نه ڪيا ويا ته اها آبادي معاشي قوت بدران بار بڻجي سگهي ٿي.
مصنوعي ذهانت بابت احسن اقبال چيو ته اها ترقي پذير معيشتن لاءِ تاريخ ساز موقعو آهي، پر جيڪي ملڪ ٽيڪنالاجي صلاحيتون پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا، اهي عالمي سطح تي نئين ٽيڪنالاجي جي ورڇ ۾ پوئتي رهجي سگهن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان کي رڳو جديد ٽيڪنالاجي جو صارف بڻجڻ بدران تخليقڪار ۽ مقامي ضرورتن مطابق ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندڙ ملڪ بڻڻو پوندو.
احسن اقبال چيو ته مصنوعي ذهانت، بايو ٽيڪنالاجي، جديد صنعت، زراعت ۽ خلائي سائنس سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان کي پنهنجي فني ۽ تحقيقي صلاحيتن کي وڌائڻو پوندو.
چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ايندڙ مرحلي بابت هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي منصوبن تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ صنعتي سهڪار، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، زراعت، برآمدن ۽ ڪاروباري شعبي جي رابطن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي.
وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي تبديلي رڳو حڪومت جي ڪوششن سان ممڪن ناهي، جديد رياست کي ڪاروبار، جدت ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏ مختلف شعبن وچ ۾ رابطو ۽ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته نجي شعبي کي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪستان جي اهم ضرورتن مان هڪ پاليسين جو تسلسل آهي، ڇو ته ڪامياب ملڪن جي معاشي ماڊلز ۾ اختلاف باوجود پاليسين ۽ سمت جو تسلسل هڪ گڏيل خاصيت رهيو آهي.
احسن اقبال هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن کي پاڪستان کي سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن جي سرزمين طور ڏسڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هو ملڪ جي موجوده ڪارڪردگي ۽ حقيقي صلاحيتن وچ ۾ موجود فرق جو جائزو وٺن.
وفاقي وزير نوجوانن تي زور ڏنو ته هو غلط معلومات جو مقابلو ڪن ۽ معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪن.
هن هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن کي مستقبل ۾ پاڪستان واپس اچڻ ۽ رڳو سياح يا مهمان بدران سيڙپڪار، ڪاروباري شخصيت ۽ ملڪ جي معاشي تبديلي جا شريڪ بڻجڻ جي دعوت پڻ ڏني.